”ناموس رسالت تي اسان ٻين کان پوئتي ناهيون“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر طرفان پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي معاملي تي سخت تنقيد ڪئي وئي جڏهن ته مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري چيو ته مذهبي پارٽي سان ڳالهين جا 2 دور ٿي چڪا آهن.

قومي اسيمبلي جي اجلاس دورنا لاهور واقعي تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته منهنجي طبعيت ٺيڪ ناهي، ختم نبوت صه جي معاملي تي اسان ٽي ايل پي کان پوئتي ناهيون، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادري تفصيلي بيان ڏيندو.

راجا پرويز اشرف:

شيخ رشيد جي بيان تي پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف چيو ته حڪومتي نااهلي جي ڪري ڀاءُ ڀاءُ سان پيو وڙهي، اسان سڀ رسول الله صه جا غلام آهيون، حڪومت نفرتون پکيڙي رهي آهي، حڪومت جو ڪم آهي ته هو دلين کي جوڙي هتي سياست ڪئي پئي وڃي، توهان پنهنجي ذميواري هڪ ٻئي تي پيا مڙهو، ڇا مديني جي رياست ائين هوندي آهي؟ گهرو وزير شيخ رشيد ايوان جي توهين ڪري هليو ويو آهي، توهان پتو لڳايو ته هن وقت گهرو وزير جي گهر آڏو ڇا ٿي رهيو آهي، حڪومت تحريڪ لبيڪ سان ڪيل معاهدو ايوان ۾ ڇو ناهي آندو، وزير اعظم قوم کي خطاب ڪرڻ آهي ته قومي اسيمبلي ۾ اچي تقرير ڪري.

پير نور الحق قادري:

حڪومت طرفان وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو ته نبي ڪريم صه جي محبت ۾ سڄي قوم هڪ آهي، گذريل ڏينهن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اسان کي به ان تي ڏک آهي، ٽي ايل پي سان ڪيل معاهدي تحت اسان معاملي کي پارليامان ۾ آڻڻ جا پابند هئاسين، گذريل 4 مهينا اسان ان معاملي تي ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون، آخري ڳالهيون جيڪي ٿيو هيون ان ۾ معاهدو پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻو هو، اڃا ڳالهه حتمي ناهي ٿي ته مارچ جون تياريون شروع ڪيون ويون، ويڊيو آڏو آئي ۽ رستا بند ڪرڻ وارو اطلاع مليو ته حڪومت رستا کليل رهڻ جي لاءِ ايڪشن ورتو.

نور الحق قادري وڌيڪ چيو ته حڪومت جي پاليسي ڳالهين کي جاري رکڻ آهي، مذهبي پارٽي سان 2 دور ٿي چڪا آهن، ٽيون دور اڄ تراويحن کان پوءِ طئي ٿيندو، اسلام جي جيتري وڪالت عمران خان عالمي سطح تي ڪئي ان کان اڳ ڪنهن ناهي ڪئي، عمران خان هميشه هميشه توهين رسالت جو رستو روڪيندو.

مفتي عبدالشڪور:

جي يو آءِ (ف) جي مفتي عبدالشڪور چيو آهي ته ڇا عمران خان جي حامين پوليس تي حملو نه ڪيو هو، ڇا هنن تي پي ٽي تي حملو ڪندي گوليون هلايون ويون هيون، ڀڃ ڊاهه ۽ ڌرڻا هڻندڙ پاڻ اقتدار ۾ آيا ته گوليون وسايون ويون، تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن تي ظلم ٿيو، اسان هنن سان گڏ آهيون، حڪومت فيصل ڪري هو فرانس سان گڏ آهي يا رسول الله صه جي ناموس رسالت سان گڏ آهي، گهرو وزير کي هن ايوان کي منهن ڏيڻ گهرجي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان:

پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر علي محمد خان چيو ته هن ايوان جي تاريخ شاهد آهي ته هن هميشه ختم نبوت جو پهرو ڏنو، ان معاملي تي پي ٽي آءِ کي به ڇڏي سگهان ٿو، علي محمد خان جي تقرير دوران مخالف ڌر نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا ته خان سان گڏ آهين يا ايمان سان.  بعد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس جي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.