نيب جو نواز شريف جون سموريون ملڪيتون نيلام ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سموري ملڪيت نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان حوالي سان احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي.

نيب عدالت طرفان شتهاري قرار ڏنل اڳوڻي وزير اعظم ۽ سندس ڪفالت هيٺ ماڻهن جي نالي ملڪ ۾ موجود سموريون ملڪيتون نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان نيب طرفان احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي.

نيب جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايس اي سي پي موجب نواز شريف جا 4 ڪمپنين ۾ شيئرز آهن، محمد بخش ٽيڪسٽائل ملز ۾ نواز شريف جا 4 لک 67 هزار 950، حديبيه پيپر ملز ۾ 3 لک 43 هزار 425، حديبيه انجنيئرنگ ڪمپني ۾ 22 هزار 213 ۽ اتفاق ٽيڪسٽائل ۾ 48 هزار 606 شيئرز آهن. نواز شريف جي مختلف خانگي بينڪن ۾ 3 پرڏيهي ڪرنسي سميت 8 اڪائونٽ آهن، هن جي 5 بينڪ اڪائونٽس ۾ 6 لک 12 هزار رپيا موجود آهن، پرڏيهي ڪرنسي وارن اڪائونٽس ۾ 566 يورو، 698 آمريڪي ڊالر ۽ 498 برطانوي پائونڊ موجود آهن.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايل ڊي ايل، لاهور ۽ شيخوپوره جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز، مري جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ گليات ڊويلپمنٽ اٿارٽي به نواز شريف ۽ هن جي ڪفالت هيٺ ماڻهن جا نالا لاهور، شيخوپوره، مري ۽ ايبٽ آباد ۾ ملڪيتن جي حوالي سان رپورٽ ڏني وئي آهي، جنهن موجب نواز شريف ۽ هن جي ڪفالت هيٺ ماڻهو جي نالا 1752 ڪنال کان وڌيڪ زرعي ايراضي آهي. لاهور جي موضع مانڪ ۾ 963 ڪنال، موضع بڊو ڪساني ۾ 229 ڪنال، شيخوپوره جي موضع منڊيالي ۾ 14 ڪنال ۽ موضع فيروز وطن ۾ 88 ڪنال ايراضي آهي. ان کان سواءِ مري ۾ بنگلا، ڇانگلا گهٽي ايبٽ آباد ۾ 15 ڪنال جو گهر ۽ اپر مال لاهور تي ملڪيت به آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.