مذهبي ۽ سياسي پارٽيون اسلام کي غلط استعمال ٿيون ڪن: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان ملڪ ۾ مذهبي ۽ سياسي پارٽين اسلام کي غلط استعمال ٿيون ڪن.

اسلام آباد ۾ مارگلا هاءِ وي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب دوران وزير اعظ۾ چيو ته هي ملڪ اسلام جا نالي تي ٺهيو هو، اسان سڀ نبي اڪرم صه سان پيار ڪيون ٿا، مون هن ملڪ جي عوام ۾ نبي اڪرم صه سان جيڪو عشق ڏٺو آهي ڪنهن ملڪ ۾ ناهي ڏٺو. جڏهن اسان جي نبي صه جي شان ۾ ڪير گستاخي ڪندو آهي ته ڇا اسان کي تڪليف ناهي ٿيندي؟ ڇا ڪنهن جي دل کي اندر وڃي ڪنهن ڏٺو آهي ته نبي صه سان ڪير وڌيڪ پيار ٿو ڪري؟ بدقمستي سان اسان جي ملڪ ۾ مذهبي ۽ سياسي پارٽيون اسلام جو غلط استعمال ٿيون ڪن، هي پارٽيون اسلام کي استعمال ڪري ملڪ کي نقصان ٿيون رسائن.

وزير اعظم چيو ته ڪجهه اولهه ملڪ مسلم دنيا جي دل آزاري ڪندا آهن، پنهنجي ملڪ ۾ مظاهرا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪري اولهه ملڪن کي ڪو فرق نه پوندو، پر اُتي ڪير نه ڪير ڪم ڪندو رهندو، خاطري ڪرايان ٿو ته دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏجي اسان مهم هلائينداسين، هڪ وقت ايندو جڏهن ته ڏکڻ ملڪن ۾ به ماڻهن کي نبي اڪرم صه جي شان ۾ گستاخي ڪندي خوف ايندو. ان ڪري اسان عالمي اڳواڻن سان گڏجي مختلف فورمز تي آواز اٿاري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.