ڪورنا کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي عمل ۽ ويڪسين ڪرائڻ جي ضرورت

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر جاري آهي، جنهن دوران ملڪ جي سمورن وڏن شهرن توڙي ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ڪورونا جا ڪيترائي نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ ڪورونا وائرس سبب سون جي انگ ۾ نين فوتگين جون خبرون پڻ آهن، سنڌ ۾ پڻ گذريل ڏينهن ۾ مختلف علائقن ۾ 7 ڪورونا متاثر مريض اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن  673- نوان ڪيس رجسٽر ڪيا ويا آهن. هن وقت به سڄي سنڌ ۾ هڪ اندازي موجب ساڍا ست هزار مريضن جو علاج جاري آهي جيڪو مختلف مرحلن ۾ ٿي رهيو آهي، ڪجهه مريض وينٽيلٽرز تي پڻ آهن، مريضن جي انگ وڌڻ سبب اهڙن مريضن جو انگ پڻ وڌي رهيو آهي، جن کي وينٽيليٽر جي ضرورت پيش ايندي پئي وڃي.

ڪورونا وائرس جي ٽين مرحلي جي سنگيني جو اندازو رڳو سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل گذريل ڇنڇر جي انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو، گذريل ڏينهن ۾ 12022 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 673 نوان ڪيس سامهون آيا، جن موجب جاچ جي شرح جو 5.6 سيڪڙو آهي. هن وقت تائين 3462158 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن مان 272196 ڪيسن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. هن وقت تائين جن مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي انهن مان 260122 مريض صحتياب ٿيا، جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 330 مريض پڻ شامل آهن.جڏهن ته هن وقت 7523 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 7143 گهرن ۾، 10 آئسوليشن سينٽرن ۽ 370 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 343 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جنهن مان 43 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت جي پيش ڪيل اهڙي رپورٽ پنهنجي جاءِ تي پر ڪورونا وائرس جي حوالي سان ٽين مرحلي کي واقعي به سڄي ملڪ ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو پيو وڃي، ٻئي پاسي وفاقي حڪومت سميت سنڌ حڪومت به ڪورونا کان محفوظ رهڻ لاءِ جيڪي ايس او پيز جاري ڪيا هئا ۽ عوام کي اپيل ڪئي هُئي ته انهن ته سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي، پر بدقسمتي اها آهي ته عوام پاران نه ته ڪورونا جي ٽين مرحلي کي سنگين سمجهيو پيو وڃي ۽ نه ئي وري ايس اوپيز تي عمل ڪيو ويو وڃي، جنهن جي ڪري به صورتحال ۾ سنگينيءَ جو عنصر پيدا ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي عوام کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ جيڪي به اپاءَ کنيا آهن انهن جو انتهائي فائدو سامهون ايندو رهيو آهي پر جڏهن عوام حڪومت جي کنيل اپائن ۾ ساٿ نه ڏيندو ته هوند نتيجن جي بهتر نڪرڻ جي پڻ اميد نه ٿي ڪري سگهجي، سنڌ حڪومت پاران ڪورونا کان بچڻ لاءِ جيڪي به ايس او پيز جاري ڪيون ويون آهن انهن تي عمل ڪرڻ عوام لاءِ انتهائي ضروري آهي، اسان به ان سلسلي ۾ عوام پڻ اها کي گذارش ڪنداسين ته هو وڌ ۾ وڌ ايس او پيز تي عمل ڪن،

سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت پاران عوام کي ڪورونا کان محفوظ رکڻ لاءِ ويڪسين جو عمل به جاري آهي، ان ڏس ۾  اخبارن ۽ ميڊيا جي ذريعن ۾ ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ لاءِ هدايتون، طريقيڪار ۽ رابطي جا نمبر پڻ جاري ڪيا ويا، جن تي عوام ڪورونا ويڪسين لاءِ پنهنجو پاڻ کي رجسٽر ڪرائي اها معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو ته ان کي ڪهڙي ويجهي سينٽر ۾ ڪهڙي وقت ويڪسين لڳائي ويندي، ويڪسين لڳائڻ جو عمل اڳ 60- سالن کان مٿي جي عمر وارن شهرين عورتن توڙي مردن لاءِ ڪيو پئي ويو پر هاڻي 50- سالن جي عمر کان مٿي شهرين عورتن توڙي مرد کي ويڪسين ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، وفاقي توڙي سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ جيڪي ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن اتي مقرر طبي عمل انتهائي خوش دليءَ سان شهرين کي ڪورونا ويڪسين ڪرڻ واري عمل ۾ مصروف آهي، تنهنڪري عوام کي گهرجي ته هو پنهنجو پاڻ کي فوري طور تي رجسٽر ڪرائي ويڪسين ڪرائن.

سوشل ميڊيا تي ڪورنا وبا ۽ ڪورونا ويڪسين متعلق ڪافي منفي معلومات ڪري عوام جي هڪ وڏي اڪثريت جو اهو خيال آهي ته ڪورونا وائرس جي ويڪسين ڪرائڻ مان ڪو به فائدو نه آهي، ويڪسين ڪرائڻ کانپوءِ به ڪورونا ٿئي ٿي ته پوءِ ويڪسين ڪرائڻ جو ڪهڙو فائدو، يا وري اهڙيون ڳالهيون به عام آهن ته ڪورونا ويڪسين جي ڪري ڪجهه ٻيا مرض به جنم وٺن ٿا، ان سلسلي ۾ عوام کي اها آگاهي ڏيڻ ضروري آهي ته سوشل ميڊيا تي ڦهليل اهڙي معلومات انتهائي منفي ۽ ڪوڙي آهي، ڇو جو ڪورونا ويڪسين دنيا جي ڪنهن هڪ ملڪ نه ٺاهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ ملڪ ۾ لڳائي پئي وڃي، ڪورونا ويڪسين جي تياريءَ ۾ گڏيل قومن جي اداري کان وٺي دنيا جا سمورا ترقي يافته ملڪ شامل آهن ، جن ويڪسين تيار ڪرڻ کانپوءِ  فوري طور تي پنهنجي عوام کي لڳائي ۽ ان کانپوءِ دنيا جي ٻين ملڪ کي فراهم ڪئي، اهڙي صورتحال ۾اهو چوڻ ته ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ نقصان ڪار آهي، بلڪل غلط آهي، هن موقعي تي اسان جي عوام کي رڳو اها ئي گذارش آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ٻيو ڪوبه ذريعو نه آهي سواءِ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۽ ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ جي، جيڪڏهن هو پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ گهرن ٿا ته فوري طور تي ان تي عمل ڪن، ائين نه ٿئي ته ڪٿي دير ٿي وڃي ۽ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر دوران انهن تي ڪورونا جو حملو ٿي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.