اعتراض ، اعتراف ۽ مڪافات عمل !

شوڪت علي جلباڻي

ماه صيام جي پهرئين عشري جو اڌ گذري چڪو آهي، ابليس قيد ۾ آهي ۽ انسان آزاد آهي، ٽيليويزن تي اسلام جي  هڪ مفڪر کي ٻڌي رهيو هئس ته هو مومنن جي لاءِ جنت جي درجه بندي ڪري رهيو هو،جيئن دنيا ۾ انسانن جي درجه بندي ٿيل آهي اهڙي ريت هر مومنن پنهنجن اعمالن جي بنياد تي پنهنجي پنهنجي دروازي مان جنت ۾ داخل ٿيندو، هڪ روزو ٻيو مولانا جي درجه بندي منهنجي پيشاني تي پگهر ڪڍي ڇڏيا ڇو ته آئون پهرئين سرڪاري غير سرڪاري ليکڪن جي درجه بندي جي ڪري پريشان رهندو آهيان. ڇا لکڻ گهرجي ڇا نه لکڻ گهرجي ، ڇا ڇپجندو ڇا نه !! قلم تي پابندين جي تاريخ انساني شعور جيتري ئي پراڻي آهي،اظهار جي آزادي انهي معاشري جي منشا مطابق ملندي آهي جنهن ڏانهن اڪثريتي سوچ هڪ نقطي تي اتفاق رکندي هجي انهيءَ مطابق ئي اظهارن جا دائره ڪار طئي ڪيا ويندا آهن، منهنجي خيال موجب ملڪ ۾  انهي نقطي جو وجود ئي ناهي رهيو ،ان ڪري اوهان جي ڪهڙي ذاتي،سياسي يا مذهبي اظهار کي ملڪ دشمني،مذهب جي دشمني يا غداري جي ذمري ۾ آڻي تخت دار تي پهچايو وڃي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، اسين عدم برداشت جو هڪ ماريل هجوم آهيون ان ڪري اسين وفاداري، غداري، ڪفر ۽ ڪافر ۽ مومن  ۽ ولي هجڻ جي فتوائون ڏيڻ ۾ دير ڪونه ڪندا آهيون .جيڪڏهن هڪ ليکڪ ايترو محتاط آهي ته ادارن کي به انهي معاملي تي يقينن محتاط رهڻو پوي ٿو.اهو ئي سبب هوندو آهي جو منهنجي ڪالمن جا ڪيترائي حصا ايڊٽ ڪيا ويندا آهن،بهرحال  تنهن باوجود  آڱريون حرڪت  ۾ اچي ڪجهه نه ڪجهه لکيو ويهن،

وزيراعظم عمران خان جي مهم کي هلائڻ لاءِ هونئن ته ملڪي پايي جي گلوڪارن رات ڏينهن ڪري پارٽي جا ترانه تيار ڪيا پر انهن مان هڪ جو آواز منهنجي ڪنن ۾ اڃا گونجي رهي آهي اهو عطاءُالله عيسيٰ خيلوي جو آهي”جب آئيگا عمران ، بنيگا نيا پاکستان” ، عطاءُالله عيسيٰ خيلوي سان اڃا رابطو ڪري ته پڇا ناهي ڪئي ته حڪومت جي ٽن سالن جي عرصي ۾ نئين پاڪستان جي تعمير ۽  جوڙجڪ ڪٿي پهتي پر عوام پنهنجي ” نائٽ ميئر “ ڀوائتي خواب مان اڃا گذري رهي آهي، ڊالر جڏهن مهانگو ٿيندو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ٿيندي آهي جو مطلب قوم کي سمجهڻ لاءِ 70 سال انتظار ڪرڻو پيو، جيڪي ماڻهو اوهان جو گهر گهاٽ هلائن ته حڪومت ۾ انهن جو برابر جو حصو هوندو آهي ۽ جيڪڏهن انهن جي چوري پڪڙجي پئي ته هڪ قلمدان ڇڏي ٻيو قلمدان سونپيو ويندو آهي يا وري قرباني جو ٻڪرو ڪري انهن مان ڪنهن هڪ جو بليدان ڏنو ويندو آهي اهي سڀ  راز قوم تي 70 سالن کان پوءِ آشڪار ڪرڻ جو اعزاز شايد وزيراعظم عمران خان جي حڪومتي دور ۾ ئي ٿيو آهي، ان کان اڳ اقتدار ۾ ويٺل وزيراعظم کي تخت دار تي ٽنگڻ، تخت حڪمراني ڦري جلاوطن ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ انهن کي بدنام ڪرڻ جو سازشون سڀ عوام وساري چڪي هئي، جيئن اسان عدم برداشت جا شڪار آهيون ايئن ئي اسان جو حافظو به تمام گهٽ آهي، اسين ڪالهه جي ڳالهه اڄ ۽ اڄ جي ڳالهه رات جو ياد ڪرڻ جا عادي ناهيون،

ٽي ايل پي تي پابندي سٺو سنوڻ آهي يا نه ان جو فيصلو عوام ڪندي پر اهڙِي فقهه سان تعلق رکندڙ ٽولو جنهن جي ملڪ ۾ اڪثريت هجڻ جي باوجود درسي ڪتابن کان وٺي ٽي وي پروگرامن تائين نمائندگي جو فيصلو آخري درجي تي رکي ڪيو ويندو آهي تنهن جماعت ۾ اهڙي جرئت ڪيئن پيدا ٿي جو رياست سان معاهده ڪري ۽ رياست کي مفلوج بڻائي ڇڏي ؟ معاهدن تان ڳالهه ياد آئي ته 3 مارچ 1940 تي قانونساز اسيمبلي مان جيڪو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو انهن ٺهرائن تي عمل ڪرائڻ لاءِ جي ايم سيد کان وٺي باچا خان تائين ڪوششون وٺندا رهيا ۽ رياست کي ياد ڏياريندا رهيا پر رياست جي وجود کان اڳ ڪيل معاهدن سان ڪو تعلق نه هو ان ڪري اهي لاتعلق بڻجندا اچن پيا جڏهن ته سندن لاتعلقي تي اعتراض واريندڙ  ملڪ جا غدار ڪوٺيا ويا ۽ گرفتاريون ڪري پيغام ڏنو ويو ته خاموشي اختيار ڪريو يا جيل اختيار ڪريو،ٽي ايل پي جو معاهدو اهڙي ئي قسم جو ته نه هو پر رياست جو معاهدو ته هو جنهن معاهدي تي اعتراض واريندڙ جج کي اڃا سندس اعتراض جي ور چاڙهيو ويو آهي. ٽي ايل پي جي معاهدي جي پٺيان ڪنهن جا ۽ ڪهڙا مقصد هئا اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر وفاقي ڪابينه جي معمول مطابق تبديلي کانپوءِ آزمايل سڌسماءُ واري وزير فواد چوڌري مسلم ليگ پنجاب جي صدر راناثناءالله کي انهي وڏي گناهه جو  ذميوار قرار ڏيندي چيو ته جهڙا بيان ڪلعدم تحريڪ جي سربراهه ڏنا اهڙو ئي بيان رانا ڏنو آهي ۽ انهي مطابق ئي سندس خلاف ڪارروائي ٿيندي، يقينن عوام ۾ سرهائي ٿيندي جيڪڏهن قانون جي پاسداري سڀني لاءِ برابر هوندي.

هڪ وفاقي وزير سوره فاتحه جون اهي دعائي آيتون پڙهندي ڳالهائيندو آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي رب کي پنهنجي عبادت گذار هجڻ ۽ ان کان ئي اصلاح جي دعا گهرندو آهي، موصوف کي ٽي وي تي ٻڌو ته موصوف چئي رهيو هو ته جيڪڏهن اسان کي قانون جي پاسداري ڪرڻي آهي ۽ اسين پنهنجن حريفن جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين،  جيڪڏهن اهي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا ٻي پاسي پنهنجي ئي ماضي جو حوالو ڏيندي چئي رهيو هو ته عدالتون کليل آهن اوهان عدالت سان رابطو ڪريو ، انصاف جو عجيب منطق آهي ته هڪ طرف اعتراض به آهي ته اعتراف به پر برابري جي  بنياد تي هرگز نه، هڪ پاسي امير شهر جا محل محفوظ آهن تي ٻئي پاسي موت جي منهن ۾ ويٺل درياهه جي پيٽ ۾ اپت ڪري رهندڙ مسڪين ماڻهن جا گهرڙا غير قانوني آهن. وقت جي قاضي جون  تقاضائون به معاشرتي درجه بندي جي آڏو بي وس نظر اچن ٿيون .

وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو واحد وزيراعظم آهي جيڪو ملڪ ۾ هر بحران ۽ انهن جي ذميوارن جو اعتراف ڪندو آيو آهي ،تازي ٿيل وفاقي ڪابينا جي ردوبدل به انهي اعتراف جو چٽو ثبوت آهي ته ملڪي معاملا صحيح رخ ۾ ناهن هلي رهيا انهي ڪري هر هڪ پنهنجي دوست کي آزمائي ڏسجي متان ڪير ايران يا چين جهڙو نظام کڻي اچي ۽ ملڪ جون حالتون ڪجهه بهتري ڏانهن وک وڌائي وجهن، پر لاڳيتو ٽن سالن کان معشيت توڙي ڪارڪردگي ۾ تسلي بخش نتيجا نه ملڻ سبب  وزيراعظم عمران خان کي قرضن وٺڻ ۽ واپس ڪرڻ قرار ڏيئي رهيو آهي، وزيراعظم عمران سکر جي دوري دوران  اعتراف ڪري چڪو آهي ته ٽي سال پنجاب ۾ مافياز کي منهن ڏيڻ ڪري هو سنڌ تي ڌيان نه ڏيئي سگهيو آهي ۽ ڪراچي جهڙي ترقياتي پيڪيج جهڙو پيڪيج سڄي سنڌ لاءِ کڻي آيو آهي، (يعني ملڪ جو وزيراعظم رڳو هڪ صوبي جي معاملن تائين محدود رهيو ) ڪراچي پيڪيج جي اعلان کانپوءِ ڪراچي بلڪل پئرس جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي جيڪڏهن ڪنهن  کي اعتبار نه اچي، ته اچي ڪراچي گهمي ڏسي! بلڪل انهيءَ ريت هاڻ  سنڌ جي گادي واري شهر کانپوءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جو وارو آيو آهي، انهن شهرن کي لنڊن جهڙو نه ئي صحيح پر لاهور جهڙو ضرور بڻايو ويندو. دراصل وزيراعظم جي ڪيل سڀني تقريرن جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته وزيراعظم عمران خان هر دفعي دٻيل لفظن ۾ اعتراف ڪري چڪو آهي ته ملڪ هلائڻ جهڙي سنگين مسئلي کي مخالف ڌر ۾ رهي ڪري هن ۽ سندس جماعت تمام آسان سمجهيو پئي جيڪو انتهائي مشڪل ترين ۽ سندس وس کان ٻاهر آهي، 100 ڏينهن کانپوءِ واري تقرير هجي يا کڻي ٽن سالن  واري تقرير انهي ۾ اوهان کي هڪجهڙائي ملندي ته ملڪ ۾ 70 سالن ۾ جيڪي خرابيون پيدا ڪيون ويون آهن انهن کي سئو ڏينهن، ڇهن مهينن، سال يا پنجن سالن ۾ ختم نه ٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ اقتدار جو عرصو ڊگهو هجڻ گهرجي .

تبديلي حڪومت جيڪا چونڊن کان اڳ 20 سالن جي طويل مندائتي رٿا بندي تحت ملڪ جون حالتون تبديل ڪرڻ جي دعويٰ  ڪندي هئي سا تحريڪ انصاف جي اقتدار جي ٽن سالن جي گذرڻ جي باوجود  حڪومت کي هلائڻ جي ئي رٿا بندي ناهي ڪري سگهي، وزيراعظم عمران خان جڏهن کان  عوامي مسئلن جو نوٽيس ورتو اهي مسئلا حل ٿيڻ بدران ڳنڀيرتا اختيار ڪندا ويا، عام طور تي ملڪي سياسيت ۾ اسان ڏٺو آهي ته حڪومتي ڌر پنهنجي چؤڦير دوستن کي وڌائڻ ۽ پنهنجي پاليسين کي ڪامياب ڪرائڻ جي لاءِ ٻين جماعتن کي پنهنجي موقف جي تائيد ڪرڻ  لاءِ ڪوششون وٺندي آهي پر هن حڪومت کي پهرئين جيڪو هڪ پيج ته هجڻ جو يقين ڏياريو ويو، تنهن حڪومتي سطح تي هڪ تجرباتي ليبارٽري قائم ڪري ڇڏي ۽ دوست وڌائڻ جي بدران مخالف پيدا ڪرڻ جا ڪامياب تجربا ٿيندا رهيا، اها انهيءَ پيج جي خصوصيت ئي آهي جنهن مرحوم مير ظفرالله جمالي جي حڪومت کي پنهنجا ڪلها ڏنا .کنڊ جي مافيا کان وٺي اٽي جي مافيا  ستر سالن ۾ ايترو عوام کي نه نيپوڙيو جيترو هن حڪومت جي اچڻ کانپوءِ نيپوڙيو ويو آهي، جيڪو جهاز 2018 ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سرگرم هئو اڄ اهو جهاز حڪومتي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي عشائين ڏيڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي .

اڄ حڪومت ٽي پي ايل تي پابندي هڻڻ، سوشل ميڊيا جي سروس کي معطل ڪرڻ ۽ رانا ثناءُالله خان خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو ڳالهيون يقينن مڪافات عمل آهي ته ڪالهه جنهن جماعت جو صدر ڪراچي جي روڊن تي لهي پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪرائي رهيو هو ۽ ملڪ جو وزيراعظم بجلي جي بلن کي باهه ڏيڻ ۽ هنڊي جي وسيلي پيسه موڪلڻ جو اعلان ڪري رهيو هو  اهي اڄ  رياست جي رٽ کان وٺي قانون سڀني لاءِ برابر جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.