حيدرآباد واسڻ جو مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد واسڻ مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

نجما رانجهاڻي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجي 2009 ۾ قربان تنيو سان شادي ٿي، هن ڪڏهن به مون کي پاڻ وٽ نه رهايو، مان ڪڏهن پنهنجي مائٽن ۽ ڪڏهن ڀيڻ وٽ رهندي هيس. هن چيو ته مون کي پنهنجي مڙس ۽ ان جي مائٽن سان جان جو خطرو آهي، زيادتين کان تنگ اچي مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي، مون کي مڙس کان طلاق ڏياري وڃي.

عورت سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.