پکي ويجهو روڊ حادثو، ماءُ فوت، پٽ زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پکو ڀرسان انڊس هاءِ وي وڳڻ روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لالورائنڪ ويجهو  ڳوٺ جيئو مغيري واسڻ 50 سالن جي پيرسن عورت سڪينه زال واحد بخش مغيري ۽ سندس 20 سالن جو نوجوان پٽ صدام مغيري سخت زخمي ٿي پيا جن کي آسپاس جي ماڻهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران پيرسن عورت سڪينه مغيري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي فوتي عورت جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا وارث لاڙڪاڻي کان پنهنجي ڳوٺ ڏانهن اچي رهيا هئا ته پکو ڀرسان انڊس هاءِ وي وڳڻ روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سڪينه فوت ۽ سندس پٽ زخمي ٿيو آهي هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد پيرسن عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.