ڄام صاحب ۾ مستحق عورتن کي رقم ملڻ شروع

ڄام صاحب (ن ع آ) ڄام صاحب ھائر سيڪنڊري اسڪول ۾ قائم احساس ڪفالت مرڪز ۾ غريب عورتن کي وظيفي جي 12 هزار رپين جي قسط مان پنج سئو کان هڪ هزار ڪٽوتي جاري غريب عورتن پاران رشوت وٺندڙ ۽ ڪٽوتي ڪندڙن خلاف احتجاج ايجنٽ مافيا خلاف ڪارروائي جو مطالبو، وظيفو وٺڻ لاءِ آيل پيرسن عورت حليمان، مسمات وزيران ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن ڏينهن کان فجر نماز مهل سينٽر تي اچون ٿيون رمضان شريف ۾ روزي جي حالت ۾ قهر جي گرمي ۾ بيهي بيهي لاہ نڪري وڃن ٿا پر هتي ايجنٽ مافيا پنج سئو کان هزار رپيا رشوت ڏيندڙ سفارشي ماڻهن کي ٻئي دروازي کان اندر وٺي وڃن ٿا انهن کي پئسا ڪڍرائي ڏين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.