ڀان جي ٻهراڙي فيڊر تي رمضان دوران سڄو ڏينهن بجلي بند

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد ۾ سيپڪو سکر پاران رمضان دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي اعلان تي سيپڪو ڀان جي عملدارن عمل نه ڪيو آهي، فيڊر ڀان ٽو ٻهراڙي تي ماهه رمضان دوران به سڄو سڄو ڏينهن بجلي جي هٿرادولوڊشيڊنگ ڪري بجلي بند ڪئي وڃي ٿي جنهن جي ڪري سخت گرمي دوران روزيدار توڙي ڳوٺاڻا تڙپي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن احتشام حسين، محمد اويس، سڪندر علي، گلزار احمد ۽ شهباز بلوچ دانهيندي ٻڌايو ته ڀان فيڊر ٽو رمضان دوران به هر وقت بند رهي ٿو، 24 ڪلاڪن مان صرف 6 ڪلاڪ رات جو بجلي اچي ٿي جيڪا پڻ بار بار ڊم ڪئي وڃي ٿي،سيپڪو عملدارن ناجائز طريقي سان پيرشاخ وٽ ڊي فٽينگ لڳائي آهي جنهن ذريعي من پسند ڳوٺن کان پئسا وصول ڪري بجلي فراهم ڪن ٿا باقي ڳوٺن جي بجلي ڊي فٽينگ کان ڪاٽي ڇڏين ٿا، هنن آخر ۾ سيپڪو سکر جي چيف ۽ وفاقي حڪومت جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڀان فيڊر ٽو ٻهراڙي تي بجلي جي رمضان دوران بندش جو نوٽيس وٺي بجلي فراهم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.