موري ۾ڇاپو، ڦر ٿيل 5 لکن سميت 4 جوابدار گرفتار

مورو (ن  ع آ) مورو پوليس خفيه اطلاع ملڻ تي مورو ڀرسان  سنڌ ڪالوني ۾   هڪ جاء تي ڇاپوهڻي ويھ ڏينهن اڳ ڦر ٿيل  پنج لک روپين سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو اهي ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي مورو عبدالحميد پنهور ۽ ايس ايڇ او مورو رفيق احمد ٻوهيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ويھ ڏينهن اڳ مورو ڀرسان ڀٽائي ڪالوني ۾ ڇهن جوابدارن مينهن جي واپاري صدرالدين ڀٽي کان هٿيارن جي زور تي پنج   لک روپيه فر ڪري کيس مزاحمت دوران ٽنگ ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا ۽ اهڙو ڪيس مورو ٿاڻي  تي  داخل ڪيو ويو هو .بعد ۾ واڙي تي ڪم ڪندڙ صدام حسين لنڊ کي حراست ۾ وٺي سندس کان جانچ ڪئي جنهن ٻين جوابدارن جا نالا کنيا اڄ صبح خفيه اطلاع ملڻ تي سنڌ ڪالوني ۾ هڪ جاء تي ڇاپو هڻي ٽن جوابدارن منٺار ڀٽي .معشوق ڀٽي .۽ ذوالفقار ڀٽي کي فر ٿيل پنج لکن ۽ ٽن پسٽلن سميت گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته جوابدارن وٽان فر ٿيل ٻه موٽر سائڪلون برآمد ڪيو آھين .جڏھن ته جوابدارن ڏوه جو پڻ اعتراف ڪري ورتو آھي.ٻئي طرف زخمي ٿيل فريادي صدرالدين ڀٽي ٻڌايو ته مان مينهن جو واپاري آھيان ۽ مان ٽي مينهون صدام حسين لنڊ کي وڪرو ڪيون هيون ۽ مينهن جا پنج لک وٺي ٻاهر نڪتس ته منصوبي تحت مٿين جوابدارن پنج لک فر ڪري مونکي گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا جن کي مورو پوليس گرفتار ڪيو آھي جن جي مون سڃاڻپ ڪئي آھي ته واقعي ۾ ساڳيا جوابدا هئا .ٻئي طرف مورو جي سياسي سماجي شخصتن ڀٽي برادري جي معزيزن محبوب ڀٽي، بدرالدين ڀٽي، بشير احمد ڀٽي، اشرف علي، لالا محمد خان ء ٻين پاران ڊي ايس پي مورو ۽ ايس ايڇ او مورو کي خوشي ۾ گلن جا هار پارايا.

شڪارپور ۾آبادگارن کي بارداڻو نٿو ڏنو وڃي: پپو ڀيو

شڪارپور (ڊ ر ) پ پ هاري ڪميٽي ضلع شڪارپور جي صدر ممتاز علي عرف پپو ڀيو۔ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيوآھي ته ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر شڪارپور طرفان ننڊن آبادگارن ۽ ھارين کي ڪڻڪ جي لاء  باردانو نٿو ڏنو وڃي ڇو ته زميدارن ۽ وڏن آباد گارن کان ڳري رشوت وٺي هنن کي باردانو ڏنو وڃي ٿو ۔ جڏينهن ته هاري ۽ ننڊي آبادگارن کي آفيس جي چڪر مٿان چڪر ڪاٽڻا پون ٿا پوء به ڪجه نٿو ٿيو آھي اگر هارين کي باردانو نه ڏنو ويو ته  پ ۔ پ ۔ پ ۔ ھاري ڪاميٽي ضلع شڪارپور طرفان خوراڪ کاتي شڪارپور جي آفيسرن جي ھارين سان ڪيل انتقامي ڪارواين خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا، راشي ڊي ۔ ايف ۔ سي شڪارپور کي ھٽايو وڃي.

ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي مهانگائي، پورهيت طبقو پريشان

ڀرياروڊ (ن ع آ) ڀرياروڊ شھر ۾ منھگائي جو جن سرڪاري ھٿن کان بي قابو ٿي ويو ۽ انتظاميا جا  نمائنڊا ب سڻڀن ڳڀن اڳيان بي وس ٿي ويا ۽ڀلاري رمضان شريف جي مھيني  ۾ منھگائي تي ڪنٽرول ن ٿيو حڪومٿ پاران سبسڊي ٿيل شيون ب انمول ٿي ويون ۽مارڪيٽ ڪميٽي وارن جي آشرواس سان گوشت مڇي مرغي گوشت جو ريٽ  دڪاندار ن پنھجي مرضي سان مقرر ڪري ڇڏيو شھرين  پير بخش۔  انور علي۔  ايم رمضان ۽ ٻين جون دانھون ڪوڪون  ۽ميڊيا سان ڳالھا ئندي چيو ت ظلم جي منھگائي ٿي وئي  آ ۽مارڪيٽ ڪميٽي وارن جي ملي ڀڳت سان شھر جا قاصائي ۽منافعي خور ھٿ رادو منھگائي ڪئي آ مڇي 400کان 500 پاڏي جو وڏو گوشت 400کان 500 ۽ٻاڪرو گوشت 800,کان 1100 رووييا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو  فروٽ چيڪو 200 ڪلو ڪيلو 100کان 160 درزن پپيتو 250 ڪلو  کارڪون 200 ڪلو صوف 200کان 300 ڪلو ھنڊاڻو 30کان 50 روويا ڪلو  جڏھن سبزين ۾ گنوار 100 کان 150 روپيا ڪلو ڀينڊي 80 کان روپيا ڪلو۔ ميھا 100کان 150 ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي ۽ کير 120 روپيا ڪلو ڏھي 120 روپيا ڪلو وڪامڻ لڳو جنھن ڪري  عام ماڻھو خلق ڀلاري مھيني ۾ افتاري۽سحري ڪرڻ لاء ب پريشان آھي ۽ ميڊيا پاران جڏھن ما رڪيٽ ڪميٽي جي سيڪٽري ڀريا سٽي سان رابطو ڪيو ويو ت ان ڪال اٽينڊ ن ڪئي ۽ٻئي دفعي ڪال ڪرڻ تي نمبر ٻئي ڪنھن اٽيند ڪيو جنھن کان  منھگائي بابت معلوم ڪيو ت چيو ويو ت اھو مارڪيٽ  ڪميٽي انسپيڪٽر جو ڪم آ۽فون بند ڪيو ويو  جڏھن ت ذريعن کان ڄاڻ موجب ت ان۔  ھٿرادو منھگائي جي حصي تي اھي مارڪيٽ ڪميٽي وارا ب حصي ڀائيوار بڻيل ھوندا آھن ۽ان منھگائي عيوض سندن گھر ويٺي گوشت مڇي ملندو آ ان  ڪري اسان ڊي سي نوشھرو فيروز  ۽وسوارن کان مطالبو ڪيون ٿا گھٽ ۾  گھث ھن ڀلاري مھيني ۾  ت انھن منافعي خورن کي ت پٽو ڳچي وجھي ڪنٽرول ڪن  ۽ھٿ رادو اگھ قيمتيون وڌئڻ ن ڏين ۽ سڄو سال ت کليل سان وانگر ماڻھن کي من پسند اگھن ذريعي لٽين ٿا پر ھن مھيني ت ڪو غريب عوام کي رليف ڏياري ۽سرڪاري مقرر ڪيل اگھن تي ضروري اشياءسميت گوشت مڇي سرڪاري اگھ موجب  وڪرو ڪرڻ جي لاء پابند ڪري ۽ڀڀن وڏن ۽ھٿ رادو منھگائي ڪندڙن خلاف سخت قدم کني ت جئين غريب ۽ روز ڪمائي روز کائڻ واري کي ھن ڀلاري مھيني ۾  رليف ملي سگھي.

حيات پتافي ۾مهانگائي، عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻا

حيات پتافي (ن  ع آ) حيات پتافي رمضان شريف جو ڀلارو مهينو اچڻ شرط جروار ۽ ڀرپاسي ۾ کاڌي پيتي ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا,منافعي خور ذخيره اندوز واپاري پنهنجي مرضي مطابق شيون وڪرو ڪرڻ لڳا, ٻاڪرو گوشت 850روپيا، وڏو گوشت 400 روپيا، جڏهن ته فارمي مرغي 400 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي, ان کان علاوه مڇي 300 کان 350 روپيا في ڪلو تائين کپائي ماڻهن جي کل لاٿي پئي وڃي, نه رڳو گوشت، مڇي ۽ مرغي مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي پر غريب ۽ مسڪين سبزي کائڻ لاءِ به بيوس بڻيل آهي, پٽاٽا 35 روپيا في ڪلو، بصر ۽ ٽماٽا 50 روپيا في ڪلو، ڀينڊي 100 کان 150 روپيا في ڪلو، واڱڻ 50 روپيا في ڪلو، توري ۽ ڪريلو 70 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي,فروٽ جو اگهه پڻ چوٽ چڙهيل آهي, صوف 200 روپيا ڪلو,ڪيلا 100 روپيا درجن، هنداڻو 70 روپيا ڪلو، سردو 80 روپيا ڪلو ۽ گدرو 90 روپيا ڪلو وڪامجي رهيو آهي. , ان کان علاوه گيھ، کنڊ، پتي، شربت ۽ دالين سميت روز مره جي استعمال جي شين جا پڻ هٿ ٺوڪيا اگهه وصول ڪيا پيا وڃن,مٿي ذڪر ڪيل گوشت، مڇي، مرغي ۽ سبزين جا اگهه ورتا پيا وڃن,مهانگائيءَ جي اهڙي وڌندڙ صورتحال تي انتظاميه اگهور ننڊ ستل نظر اچي رهي آهي. غريب ماڻهن جي دانهن تي رمضان شريف جي چوٿون روزو ٿيڻ  باوجود اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار سميت ڪنهن به عملدار دورو ڪري منافعي خور واپارين کي مناسب اگھ تي شيون هلائڻ جي هدايت ڪرڻ جي زحمت پڻ نه ڪئي آهي، جنهن ڪري روز آڻين ۽ چاڙهين تحت زندگيءَ جو ڪارونهوار هلائيندڙ پورهيت طبقي ۾ مايوسي ڇانيل آهي. هوڏانهن حيات پتافي ۽ ڀرپاسي جي رهواسين علي محمد  ڀورل بوزدار لعل بخش تمراڻي  رميش ڪمار  نثار احمد محسن مهر افضل علي تمراڻي خليل گبول  جلال الدين منيراحمد تمراڻي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته رمضان شريف جهڙي ڀلاري مهيني ۾ عام واهپي ۽ کاڌي پيتي جي سمورين شين ۾ رليف ڏيڻ بجاءِ ڳاٽي ٽوڙ اگهه وصول ڪري غريب ماڻهن کان وات جو گِرهه کسڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن خاص ڪري روزيدارن کي هن ڀلاري مهيني ۾ سحري ۽ افطاريءَ جي وقت سٺي غذا نصيب نه ٿي ٿئي هنن واسطيدار اختيارين کان گهر ڪئي ته رمضان مهيني ۾ هٿ ٺوڪي مهانگائيءَ جو نوٽيس وٺي عوام کي ريليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.