وزيراعظم سان مبين جتوئي جي ملاقات

سکر(رپورٽر) وزير اعظم عمران خان سان پي ٽي آءِ نادرن سنڌ سکر ريجن جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي نويڪلي ملاقات ڪري سکر اچڻ تي خوش آمديد ڪيو. وفاق پاران سنڌ جي پوئتي پيل علائقن لاء 446 ارب روپين جا ترقياتي منصوبا سان سنڌ جي عوام لاء تحفو آهن. ملاقات دوران مبين احمد جتوئي وزيراعظم پاران سنڌ لاءِ 446 ارب روپين جي پيڪج جو اعلان ڪرڻ تي سندس ٿورا پڻ مڃيا. مبين جتوئي ۽ وزير اعظم وچ ۾ سکر ايئرپورٽ تي ٿيل ملاقات دوران سنڌ جي عوام کي پيش ايندڙ مسئلن کان پڻ وزيراعظم کي آگاھ ڪيو. ان موقعي تي مبين احمد جتوئي چيو ته سنڌ حڪومت 18 ترميم تحت جيڪي فنڊ وفاق کان وٺي رھيو آھي اھي جيڪڏھن عوام تي خرچ ٿين ته سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جا شھر موھن جي دڙي واري صورتحال مان نه گذري ھا. سنڌ جي عوام کي پيپلز پارٽي جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو ۽ عوام مان محرومي ختم ڪئي ويندي. ھن چيو ته سکر، حيدرآباد موٽروي ريلوي اسٽيشنن جي انفرا اسٽيڪچر جي اپگريڊيشن، ڳوٺن کي گئس جي فراهمي، بجلي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ۽ سنڌ جي نوجوانن کي پنھنجي پيرن تي بيھڻ جا موقعا فراھم ٿيندا. ھن چيو ته وفاقي حڪومت جي بغير وياج واري قرض سان نوجوان پنھنجو روزگار ڪري سگھندا. وزيراعظم جي اندروني سنڌ لاء اعلان ڪيل پراجيڪٽ تحت ھڪ لک کان وڌيڪ شاگردن کي تربيت ڏني ويندي 52 سيڪڙو شاگرد اعلي تعليم حاصل ڪري سگھندا.

سکر ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

سکر(رپورٽر) ڪراچي جي سرجاني ٽائون واري علائقي ڳوٺ عبدالرحيم جي رهواسي پسند جي شادي ڪندڙ عورت زاهده سومرو مڙس گهوٽڪي واسي  محمد اسلم شيخ سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾ صحافين آڏو داهندي ٻڏايو آهي ته  پهرين مڙس الله جوايو کان 4 مهينا اڳ خلع وٺي محمد اسلم شيخ سان ڪراڄي جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي آهي اهڙو اطلاع ملڻ تي سندس پيء محمد بخش، ڀاء منظور، ستار، مامو ربنواز. گل نواز. چاچا عظيم لطيف ۽ اڳوڻو مڙس جان جا دشمن بڻجي ويا آهن منهنجي جي مڙس محمد اسلم خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي جڏهن ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو خوشي سان پسند جي شادي ڪري خوشگوار زندگي گذاري رهيا آهيون پر ملندڙ ڌمڪين سبب اسان جي حياتين کي خطرو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جي گهر ڪئي آهي.

پني عاقل ويجهو حادثو، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

پنوعاقل (ت ر) پنوعاقل ايندي موٽرسائيڪل سوار نسيم مغل گنڊوکيري ڦاٽڪ وٽان ڳوٺاڻي روشن گھنڃون کي کڻي شھر وڃي رھيو ھو ته سامھون ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ ڪري ٻي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،جن کي بروقت ڇانوڻي اسپتال نيو ويو،جتي دماغي ڌڪ گھڻا ھجڻ ڪري ڪراچي اسپتال نيو ويو،اتي ڳوٺاڻو روشن ولد عيدن گھنڃو عمر 45 سال زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو،جڏھن ته وسيم مغل آخري اطلاعن تائين بھوشي واري حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آھي،ھوڏانھون ڳوٺاڻو روشن مٽيءَ ماءُ حوالي سندس گھر ۾ ڏک جي لھر ڇايل.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.