عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدارن جون سزا خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي سزا خلاف اپيلون 19 اپريل تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.

رجسٽرار آفيس موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل ڊويزن بئنچ سومر تي اپيلن تي ٻڌڻي ڪندي.

واضح رهي ته دهشتگرد ٽوڙ عدالت 18 جون 2020 تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ عمران فاروق جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن معظم علي، خالد شميم ۽ محسن علي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ انهن تي 10-10 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو هو.

جوابدارن اهڙين سزائن خلاف درخواستون داخل ڪيون آهن، جن ۾ ٽرائل ڪورٽ طرفان سزا جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.