”اڳ ۾ مفرور عمران صاحب کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڇڏي اچو“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان راڻا ثناءُ الله تي دهشتگردي ڪيس داخل ڪرائڻ جي اعلان تي ردعمل ۾ مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان 2014 کان دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان مفرور آهي.

ن ليگ ترجمان وفاقي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته فواد چوڌري! راڻا ثناءُ الله کان اڳ ۾ عمران صاحب کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڇڏي اچو، هو 2014 کان دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان مفرور آهي ۽ پرچو موجود آهي، عمران خان جي گرفتاري اڃا تائين ناهي ٿي.

واضح رهي ته اطلاعات بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.