فوٽوگرافي جي شوقين ماڻهن لاءِ سوني جا 2 نوان اسمارٽ فونز پيش

سوني پنهنجو نئون فليگ شپ اسمارٽ فون ايڪسپيريا 1 III متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

6.5 انچن جو 4K او ايل اي ڊي ڊسپلي ۾ 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ موجود آهي جيڪا ڪنهن به اسمارٽ فون ۾ پهريون ڀيرو ڏني وئي آهي.

14 اپريل تي هڪ ورچوئل ايونٽ دوران ان فون کي ايڪسپيريا 5 III سان گڏ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ 6.1 انچن جو فل ايڇ ڊي ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي.

ٻنهي فونز ۾ هڪ اهڙي ٽيلي فوٽو ڪيمرا ڏني وئي آهي جنهن ۾ اهڙو زوم لينس موجود آهي جيڪو پنهنجي فوڪل لينٿ کي تبديل ڪري سگهي ٿو.

بنيادي طور تي هي ٻئي فونز عام ماڻهن جي بدران فوٽو گرافرز، فلم سازن ۽ موبائيل گيمز کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيا ويا آهن.

ٻنهي فونز جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ ٽيلي فوٽو ڪيمرا ويري ايبل زوم سان لينس سان گڏ آهي.

ان لينس مان 2 فوڪل لينٿ تي سوچ ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته هي ڪيتري ئي لائٽننگ ڪنڊيشنز ۾ برقي رفتار ۽ درست آٽو فوڪس ۾ مدد فراهم ڪري سگهي ٿو.

هي زوم لينس ڏاڍي گهٽ روشني تي به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٿو.

ٻنهي فونز جي بيڪ تي موجود سمورن ڪيمرائن ۾ آءِ اي ايف (آٽو فوڪس) جو فيچر به موجود آهي جيڪو پاڻمرادي طور تي انسانن ۽ جانورن جي اکين کي ٽريڪ ڪري ٿو.

ايڪسپيرا 1 III ۾ هڪ ٽائم آف فلائٽ سنسر به آهي.

سوني طرفان 2 ڪيمرا ايپس فوٽو پرو ۽ ڪيمرا پرو به ڏنو ويو آهي.

هي ٻئي فونز 4K ويڊيو 120 فريم في سيڪنڊ جي رفتار سان ريڪارڊ ڪري سگهن ٿا.

ٻنهي فونز کي ڪنهن ڪيمرا جي ايڪسٽرنل مانيٽر جي طور تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

فون ۾ اسنيپ ڊراگون 888 پراسيسر موجود آهي جيڪو 5 جي سپورٽ فراهم ڪري ٿو.

اهڙيءَ طرح 4500 ايم اي ايڇ بيٽري، هيڊ فون جيڪ، هارڊ ويئر شٽر بٽڻ، ڊسٽ اينڊ واٽر ريزيزٽنٽ (آءِ پي 65/68 ريٽنگ)، 128 کان 256 جي بي اسٽوريج، ايڪسپيريا 1 III ۾ 12 جڏهن ته ايڪسپيريا 5 III ۾ 8 جي بي ريم قابل ذڪر فيچرز آهن.

ايڪسپيريا 1 III ۾ وائرس ليس چارجنگ ۽ ريورس وائر ليس چارجنگ سپورٽ به ڏني وئي آهي جڏهن ته ڊسپلي جي تحفظ لاءِ گوريلا گلاس وڪٽس ڪوٽنگ ڪئي وئي آهي.

سوني جا هي ٻئي فونز گرمين جي موسم ۾ ڪنهن به وقت موجود هوندا پر ڪمپني هن وقت تائين هنن جي قيمتن جو اعلان ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.