حيدرآباد:کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي ياد ۾تعزيتي ميڙاڪو

حيدرآباد ۾ سينيئر صحافي ۽ هاري جدوجهد جي کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، روزاني سنڌ، هلچل ۽ ڪامريڊ جي ساٿين پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي صدر جلال محمود شاه چيو ته 80 واري ڏهاڪي کان غلام رسول سهتي کي سڃاڻان. هن هاري ڪميٽي جي مثالي جدوجهد ڪئي. هن صحافت ڪندي اخبار جاري ڪئي.پر اخبار کي صحافتي طور نه پر نظرياتي طور هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ناڪام ٿيو هو آخري وقت ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ به رهيو ۽ ايس يو پي ۾ به شامل رهيو.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪامريڊ غلام رسول سهتو اسان جي ٽهي کان سينيئر سياسي ڪارڪن هو، ڪامريڊ غلام رسول سنڌ جو فڪري ۽ نظرياتي ڪردار هو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار شيخ، ارشاد چنا، ارشاد پيرزادو، ڪامريڊ واحد بخش بنگلاڻي، پير بخش لانگاهه، پروفيسر يعقوب چانڊيو، ڪامريڊ نظير حيدر سهتو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.