ويوو جو نئون اسمارٽ فون وي 21 اپريل جي آخر ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعلان

ويوو جي وي سيريز جو نئون فون اپريل جي آخر ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.

ويوو وي 21 کي 27 اپريل تي ملائيشيا ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن جي تصديق ڪمپني ڪئي آهي.

ويوو ملائيشيا هڪ ٽوئيٽ ۾ تصديق ڪئي ته وي 21 سيريز کي 27 اپريل تي متعارف ڪرايو پيو وڃي.

هن سيريز جا 3 ماڊلز ويوو وي 21 فورجي، وي 21 فائيو جي ۽ وي 21 اي متعارف ڪرايا ويندا جنهن جي فيچرز جي حوالي سان ليڪس آڏو آيا آهن.

انهن فونز ۾ اموليڊ ڊسپلي ڏنو ويندو ۽ فرنٽ ڪيمرا 44 ميگا پڪسل جي هوندي جنهن سان گڏ 2 ايل اي ڊي فليش لائٽون، او آءِ ايس جهڙا فيچرز موجود هوندا.

فون جو بيڪ ڪور 2 رنگن تي ٻڌل هوندو جڏهن ته 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود هوندو.

فون جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي هوندي جنهن کي ڪمپني طرفان اي آءِ ڪيمرا قرار ڏنو ويو آهي.

فون جي اندر 8 جي بي ريم ڏيڻ جا امڪان آهن جڏهن ته سيلفي ڪيمرا ۾ اي آءِ آٽو فوڪس جو فيچر به ٿي سگهي ٿو جيڪو اکين جي حرڪت کي ٽريڪ ڪري ماڻهن کي فريم جي اندر رکڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.

ويوو وي 21 جي قيمت 50 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.