بهترين ڪيمرا سيٽ اپ سان ليس اسمارٽ فون توهان کي ضرور پسند ايندو

جيڪڏهن توهان کي اسمارٽ فون خريد ڪندي بهترين ڪيمرا سيٽ اپ کي ترجيح ڏيڻي آهي ته چيني ڪمپني زي ٽي اي جو نئون فون توهان کي ضرور پسند ايندو.

زي ٽي اي پنهنجي نئين فليگ شپ فون ايڪسون 30 الٽرا ايڪسون 30 ۽ ايڪسون 30 پرو سان گڏ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

وڏي ڳالهه اِها ته فليگ شپ فون هئڻ جي باوجود ان جي قيمت ڪجهه ڪمپنين جي مڊ رينج فونز جيتري آهي.

ايڪسون 30 الٽرا فليگ شپ پراسيسر يعني اسنيپ ڊراگون 888 پراسيسر سان ليس آهي جنهن سان گڏ 8 کان 12 جي بي ريم جڏهن ته 256 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.

هونئن ته ڪمپني ان جو هڪ ايلائٽ ماڊل به تيار ڪيو آهي جنهن ۾ 16 جي بي ريم ۽ هڪ ٽي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.

فون جي اندر 4600 ايم اي ايڇ بيٽري 66 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي، پر وائرليس چارجنگ جو فيچر موجود ناهي.

ٻين فيچرز ۾ 5 جي سپورٽ، وائي فائي 6 اي ۽ اين ايف سي ذڪر جوڳا آهن جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 جي ڀيٽ مائي او ايس 11 سان ڪئي وئي آهي.

ايڪسون 30 الٽرا ۾ 6.67 انچن جو او ايل اي ڊي ڊسپلي 144 ريفريش ريٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي پر هي ڊسپلي 90 ۽ 120 هرٽز ريفريش ريٽ موڊ سان به ليس آهي.

اسڪرين ۾ 1080 پي پلس ريزولوشن سان گڏ ايڇ ڊي آر 10 پلس سپورٽ موجود آهي ۽ ڊسپلي جي تحفظ جي لاءِ گوريلا گلاس 5 ڪوٽنگ ڪئي وئي آهي.

فون جي خاص ڳالهه ان جو بيڪ ڪيمرا سيٽ اپ آهي جيڪو 4 ڪيمرائن تي ٻڌل آهي.

4 مان 3 ڪيمرائون 64 ميگا پڪسل سينسر سان ليس آهن، يعني مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن ۾ او آءِ ايس ۽ ايف 1.6 آپرچر موجود آهي.

ٻي 64 نيگا پڪسل ڪيمرا ڪجهه وڏي لينس سان گڏ آهي جڏهن ته ٽين 64 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا آهي.

چوٿين ڪيمرا 8 ميگا پڪسل پيري اسڪوپ سنسر سان گڏ آهي. جڏهن ته فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊيزائن ۾ ڏني وئي آهي.

هي فون  هن وقت چين ۾ موجود آهي جنهن جو 8 جي بي ريم وارو ماڊل 4700 يون آن (هڪ لک 9 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 12 جي بي ريم وارو ويزن 5 هزار يوآن (هڪ لک 16 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

16 جي بي ريم ۽ هڪ ٽي بي اسٽوريج وارو ايلائٽ ماڊل 6666 يوآن (هڪ لک 55 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.