140 ارب شگرملن وٽ ويا، ڪنهن کي خدشا آهن ته ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون: وزيراعظم

سرگوڌا(م ڊ) وزيراعظم عمران  خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو عام ماڻهن کي گهرن جي فراهمي لاءِ قرض ڏنا، حڪومت جو ڪم عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، کنڊ جي قيمت ۾ اضافي جي جاچ ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون، ڪنهن جا خدشا آهن ته جائزو وٺي سگهن ٿا پر قانون جي بالادستي تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کانسواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي  جنهن معاشري ۾ انصاف ناهي هوندو اتي غربت هوندي آهي. اربع ڏينهن سرگوڌا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن ايف آءِ اي کان ان معاملي جي انڪوائري شروع ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون ته خبر پئي ته ڪيئن ڪارٽلز ٺاهي اهي عوام جو رت چوسين ٿا، ٽيڪس چوري ڪن ٿا، انڊر ڊڪليئر ڪندا آهن، وزيراعظم چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته غريب لاءِ ڌار ۽ امير لاءِ ڌار قانون هجي. وزيراعظم چيو ته طاقتور طبقو سڀ مراعتون وٺي ويندو آهي، اصل نقصان طاقتور ۽ ڪرپٽ ماڻهن ڪندا آهن جيلن ۾ بند غريب ماڻهن جي سڀني چورين کي جمع ڪيو وڃي ته ٻه، ٽي ارب روپيا ٿيندي پر صرف کنڊ جي قيمت وڌڻ سان ڪجهه شوگر ملن اربين روپيا اضافي ڪمائي ورتا. اڳوڻي وزيراعليٰ شهباز شريف جي ضمانت تي آزادي جي حوالي سان سوال  جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ڪيس جي حوالي سان ڪو به تبصرو نه ڪندس،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.