سنڌ جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ گهٽائي وئي، اسپتالن بابت وزيراعظم کي غلط ٻڌايو ويو: مراد شاهه

ڪراچي(رپورٽ: علي نقرچ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه  آدمشماري جي تڪراري نتيجن جي  منظوري واري فيصلي کي  ڪ دفعو ٻيهر رد ڪندي  معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبي  جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، جيڪڏهن ٺيڪ ڳڻپ ٿئي ها ته اين ايف سي ۾ سنڌ جو حصو 29 سيڪڙو بڻجي ٿو. وزيراعلي هائوس ۾ اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه، ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ تيمور ٽالپر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته  سي سي آءِ ۾ آدمشماري جي تڪراري نتيجن جي  منظوري خلاف پارليامينٽ ۾ وينداسين، آدمشماري نواز سرڪار جي دور ۾ ٿي پر منظور پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪئي وئي ان ڪري هو ان جو ذميوار عمران خان کي سمجهن ٿا، هن چيو ته سي سي آ ۾ 5 سيڪڙو ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آدمشماري ۾ ڪي پي ۾ 8، بلوچستان 7،پنجاب 6،سنڌ ۾ 5 سيڪڙو في گهر فرد شامل آهن، عالمي اداري جي سروي ۾ سنڌ ۾ في گهر 7.2 سيڪڙو ڄاڻايو ويو هو، ان حساب سان سنڌ جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ گهٽ ڏيکاري وئي آهي. هن چيو ته آدمشماري نوٽيفاءِ ٿيڻ کانپوءِ ان تي ئي تڪبنديون ٿينديون ۽ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون. مراد علي شاهه چيو   ته سنڌ جَي اسپتالن وارو معاملو پراڻو آهي، خبر ناهي ته ڪنهن وزير اعظم کي غلط بريف ڪري معاملو تڪراري بڻايو، وزير اعظم عمران خان اڳ ئي چئي چڪو آهي ته اسان کان اسلام آباد جي پمز اسپتال نٿي سنڀالجي، سنڌ جون جناح، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي ڪيئن سنڀالينداسين؟.هن چيو ته اميد آهي ته اسپتالن واري معاملي تي وفاق ۽ صوبائي سرڪار ٺهي وينديون، فيصلي ۾ ان جو حل موجود آهي ته ٻنهي حڪومتن جي رضامندي سان اسپتالون صوبائي سرڪار کي ڏئي سگهجن ٿيون، وفاق جي مثبت جواب کانپوءِ هاڻي سنڌ سرڪار حل لاءِ فارمولو وفاق کي ڏيندو، وڏي وزير چيو ته ڪورونا کي روڪڻ لاءِ وفاق کي اڳ به تجويز ڏني هئي ته بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي 15 ڏينهن لاءِ پابندي هنئي وڃي پر وفاق عمل نه ڪيو هاڻي به سنڌ حڪومت جي ساڳي تجويز آهي. هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته وبا تيزيءَ سان پکڙجي سگهي ٿي، گڊز ٽرانسپورٽ کي روڪڻ جو ناهي چيو، رڳو پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابنديون لڳايون وڃن، جيڪڏهن صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ته وفاق کي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندين لاءِ ٻيهر چونداسين، ڪورونا جي صورتحال ملڪ ۾ خراب آهي، سنڌ ۾ صورتحال ڪجهه ڪنٽرول ۾ آهي، دنيا جي ڀيٽ ۾ اسان ويڪسين نه ڪري سگهيا آهيون، ويڪسين عوام کي نه ڪرڻ وڏي ناڪامي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن  چيو ته سنڌ ۾ 26 هنڌن تي لڳل ڌرڻن دوران 5 ماڻهو فوت ، 12 پوليس اهلڪار ۽ 18 احتجاج ڪندڙ زخمي ٿيا آهن. سنڌين جي سڃاڻپ ڪارڊن لاءِ شيخ رشيد جي ڏنل بيان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته شيخ رشيد معافي وٺي چڪو آهي ان ڪري ان جي معافي قبول ڪرڻ گهرجي.  مراد علي شاهه چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال خراب آهي،   قرض جي ڊي پي جي 60 کان وڌيڪ قرض نٿا کڻي سگهون، هن حڪومت قرض کي 90 سيڪڙو تائين پهچايو آهي، معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي. اسان آءِ ايم ايف جي چوڻ تي قانون تبديل ڪري رهيا آهيون، حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ اها ڪنهن کي جوابده ناهي، اسٽيٽ بئنڪ کي ايترو طاقتور ڪيو ويو آهي جو ان معاملي ۾ ڪير ڪجهه نٿو ڪري سگهي.مراد علي شاهه چيو ته 50 لک نوڪريون ڇا ملڻيون هيون، ملڪ ۾ بي روزگاري مسلسل وڌي رهي آهي، معاشي بحران مان نڪرڻ جا ٻيا به گهڻا طريقا آهن، موجوده حڪومت جي پاليسين سبب ملڪ جي معاشي صورتحال ڳنڀير آهي.

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو آهي ته  آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ گهٽائي وئي آهي. سي سي آءِ ۾ آدمشماري جي تڪراري نتيجن جي  منظوري خلاف پارليامينٽ ۾ وينداسين. وزيراعظم کي لکيل خط ۾ وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ جي آبادي ڇهه ڪروڙن کان مٿي آهي، ڏيڍ ڪروڙ گهٽائي وئي آهي. هن چيو ته  آدمشماري نواز سرڪار جي دور ۾ ٿي پر منظور پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪئي وئي. هن چيو ته سي سي آ ۾ 5 سيڪڙو ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آدمشماري ۾ ڪي پي ۾ 8، بلوچستان 7،پنجاب 6،سنڌ ۾ 5 سيڪڙو في گهر فرد شامل آهن، عالمي اداري جي سروي ۾ سنڌ ۾ في گهر 7.2 سيڪڙو ڄاڻايو ويو هو، ان حساب سان سنڌ جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ گهٽ ڏيکاري وئي آهي. هن چيو ته آدمشماري نوٽيفاءِ ٿيڻ کانپوءِ ان تي ئي تڪبنديون ٿينديون ۽ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.