شهباز شريف جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ضمانت

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ڪيس ۾ شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. ٻڌڻي  دوران نيب پراسيڪيوٽر سيد فيصل رضا بخاري چيو ته نصرت شهباز ٽي ٽيز کان ڪمپني ٺاهي جنهن جي هو ڊائريڪٽر بڻجي. جيستائين حمزه شهباز وٽ عوامي عهدو هو ڪابه ٽي ٽيز نه آئي هئي.نيب جي وڪيل چيو ته شهباز شريف 2008ع کان 2018  دوران پنجاب جو وڏو وزير رهيو. شهباز شريف 2018 ۾ ايم اين اي بڻيو. 2018 ۾ شهباز شريف جا 7 ارب 30 ڪروڙ جا اثاثا ٿي ويا. شهباز شريف جي وڪيل چيو ته نيب جي 110 گواهن مان هڪ به شهباز شريف جو نالو ورتي هجي ته ضمانت واپس وٺي ڇڏينداسين. عدالت چيو ته ايف بي آر ۾ اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا ويا. ايف بي آر ڇو نه پڇيو ته ملڪيت آمدني کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن  دائرو  اختيار ۾ نٿو اچي ته نيب ڇو جاچ ڪري رهي آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ 50-50 لک روپين جي ٻن مچلڪن عيوض شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.