5 ڪروڙن جي سامان جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان رينجرز اٽڪل ساڍن 05 ڪروڙن جي ماليت جي اسمگلنگ  جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. تفصيل مطابق پاڪستان رينجرز (سنڌ) سنڌ – بلوچستان سرحد تي اٽڪل ساڍن 05 ڪروڙن جي ماليت جي نان ڪسٽم پيڊ شين جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. رينجرز جي ترجمان مطابق پاڪستان رينجرز (سنڌ) ڪسٽم اختيارين کي اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪشمور – ڪنڌڪوٽ ضلعي ۽ بلوچستان جي سرحد تي واقع ڊيره موڙ چيڪ پوسٽ تي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران نان ڪسٽم پيڊ شين جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. رينجرز جي ترجمان مطابق مختلف ڪاررواين ۾ 5 ڪروڙ 50 لک رپين جي ماليت جو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. سامان ۾ هڪ هزار 117 ڪپڙي جا بنڊل، 166 پيراشوٽ ڪپڙي جا بنڊل، 827 ٽائر ۽ 45 خشڪ کير جا پيڪيٽس به شامل آهن. رينجرز جي ترجمان مطابق ضبط ڪيل سامان ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.

فشرمين ڪوآپريٽو ساسوئٽي جي اڳوڻي چيئرمين کي سزا خلاف اپيل تي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي چئيرمين فشرمين ڪوآپريٽو ساسوئٽي جي سزاجي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت نيب کي 20 اپريل جا نوٽيس جاري ڪري جواب گهري ورتو آهي .احتساب عدالت غيرقانوني ڀرتين ۽ اختيارن کي استعمال ڪرڻ تي 11سال جي سزاڏني آهي .

بابر غوري جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ بابت رپورٽ لاءِ مهلت

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ڪي پي ٽي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ اختيارن کي استعمال ڪرڻ واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر جوابدار بابر غوري جي ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي حوالي سان رپورٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي آهي عدالت 24مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .03

ايس بي سي اي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر معطل

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪنٽرول بلڊنگ اٿارٽي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊي جي جي نالي تي ڀتو وٺڻ جي الزام هيٺ معطل.  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شمس الدين سومرو 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عاصم حسين صديقي کي ڊي جي جي نالي تي غيرقانوني عمارتون ٺاهڻ لاءِ ڀتو وٺڻ جي الزام هيٺ فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.