فيض گنج ۾ مذهبي جماعت جو ڌرڻو،علائقو ميدان جنگ، 4 اهلڪار زخمي، ڪيس داخل

فيض گنج (رپورٽ امتياز شر) فيض گنج ۾ مھراڻ ھاءِ وي تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي لڳل ڌرڻي تي پوليس ڪڙڪي پئي،  آنسوگيس ۽ شيلنگ سبب علائقو ميدان جو جنگ بڻجي ويو ھڪ سو کان وڌيڪ مظاھرين تي  ڪيس داخل  خبر موجب فيض گنج ۾ مھراڻ ھاءِ وي تي لڳل تحريڪ  لبيڪ پاڪستان جي ڌرڻي دوران روڊ کولڻ تان مظاھرين ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿينديون رھيون پوليس شيلنگ ۾ ڪيترا مظاھرين زخمي پڻ ٿيا جڏھن ته  مظاھرين جي پٿراءُسبب ھڪ  پوليس انسپيڪٽر سميت چار اھلڪار پڻ زخمي ٿي پيا آھن جڏھن ته پوليس چئن عالمن مولانا عبدالوھاب سڪندري  مولانا سومر خسيني سميت اٺن ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ رکيو ويو آھي جڏھن ته فيض گنج ٿاڻي تي ٻن الڳ الڳ ايف آءِ آر ۾ ھڪ سو کان مٿي مظاھرين خلاف دھشتگردي  روڊ بند ڪرڻ ۽ پوليس تي حملن جا ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ايف آءِ آر ۾ 30سڃاتل ۽ 70 کان مٿي نامعلوم ماڻھو ڄاڻايا ويا آھن جڏھن ته ايف آءِ آر ۾ نامزد ماڻھن جي گرفتاري لا پوليس ڇاپا ھڻي رھي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.