سيوهڻ ۾ روڊ بلاڪ ڪرڻ تي 30 ڄڻن تي ڪيس داخل

سيوھڻ(ن ع آ)سيوھڻ ۾ ڪالهھ  تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ وارو مامري بعد سرڪاري مدعيت ۾ 30 ڄڻن مٿان روڊ بلاڪ ۽ ڊيوٽي اٽڪاء جو سيوھڻ ٿاڻي تي قلم 353 .341.186 .147 ۽ 149 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جن مان پوليس 6 جوابدارن ڏھرڪي واسي حافظ عاقب ڏھر، جوھي واسي محمد خان مري، صاحب خان، حافظ يار محمد بوزدار، مير محمد بوزدار ۽ امجد ابڙو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته سيوھڻ جي ڪاليج روڊ ڀرسان اڙل ھيڊ پل وٽ انڊس ھاء وي تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 30 ڏنڊا بردار ڪارڪنن روڊ تي پٿر رکي بند ڪيو بيٺا ھئا ۽ پوليس موقعي تي پھچي انھن کي روڊ خالي ڪرڻ لاء چيو ته جوابدارن ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻو ۽ ٻين اھلڪارن کي ڌڪا ۽ ٿيلھا ڏنا ۽ مٿن ڏنڊا وسايا. ٻئي طرف گرفتار جوابدارن کي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت 6 جوابدارن کي 14 ڏينھن جي رمانڊ تي سب جيل سيوھڻ موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.