36 کان وڌيڪ يوسيز سيڪريٽرين کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽ: صادق سومرو) مڪاني ادارن واري کاتي وڌيڪ 36 يونين ڪائونسل جي سيڪريٽرين کي غيرقانوني ڀرتيون ڄاڻائي کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.مڪاني ادارن واري  کاتي جي سيڪريٽري 36 يونين ڪائونسلز جي سيڪريٽرين جي لسٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل ملازم ڀرتيون سواليه نشان آهن، جن جي پئرول ۽ غيرقانوني ڀرتين جا سوال پيدا ٿيا آهن ان ڪري کين پوسٽن تان هٽائي کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو.جيستائين سندن خلاف انڪوائري مڪمل نٿي ڪئي وڃي هٽايل ملازمن ۾ ڪراچي مان رجب علي، اظهر الدين، عبدالوهاب، ۽ وزير حسين، ٿرپارڪر مان مينڌرو ۽ رميش ڪمار،حيدر آباد مان نياز حسين،عرفان ۽ قربان علي،  سانگهڙ مان رضوان ۽ پرويز علي،ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ثاقب علي، عمرڪوٽ مان پونم چند ۽ سوائي، بدين مان علي رضا ۽ شبير احمد، ٺٽي مان  هنس راج ۽ شاهجان، خيرپور مان شاهد حسين،شڪارپور جي ڪامران حسين،سکر جي آفتاب عالم،گهوٽڪي جي سڪندر علي،نوشهرو فيروز مان مظهر حسين،ٽنڊو الهيار مان ممتاز علي ۽ ٻيا شامل آهن.جڏهن ته هٽايل ملازمن مان اڪثر يونين ڪائونسل سيڪريٽرين وٽ 2-2 چارجز هيون ٻئي طرف ڪجهه ملازم پوسٽنگ جي انتظار ۾ هئا ۽ سندن سينيارٽي لسٽ به ريڪارڊ ۾ شامل ئي نه آهي جڏهن ته هڪ ملازم محمد اڪرم اڳ ۾ ئي معطل ٿيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.