مذهبي جماعت جو احتجاج، گهرو وزارت اهم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مذهبي جماعت جي احتجاج ۽ ڌرڻن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.

گهرو وزارت جي رپورٽ موجب سڄي ملڪ مان 2 هزار 135 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، جن مان سڀ کان وڌيڪ 1669 ڄڻا پنجاب ۽ سنڌ مان 228 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد مان 45 ۽ خيبر پختونخواهه مان 193 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته گرفتار ماڻهن خلاف دهشتگردي روڪ ايڪٽ تحت ڪيس قائم ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.