55 سيڪڙو پاڪستانين افطار ۾ ڪهڙي شئي کي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو..؟ دلچسپ سروي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عوامي راءِ ڄاڻيندڙ اداري پلس ڪنسلٽنٽ رمضان المبارڪ جي حوالي سان پاڪستانين جي راءِ تي ٻڌني نئين سروي جاري ڪري ڇڏي.

سروي ۾ 2 هزار کان وڌيڪ شهرين راءِ جو اظهار ڪيو جنهن موجب 55 سيڪڙو پاڪستاني افطاري ۾ پهرين پسند فروٽ چاٽ کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته پڪوڙا 52 سيڪڙو سان گڏ ٻئي نمبر تي ۽ سموسا ۽ رول 24 سيڪڙو سان گڏ پسنديدگي ۾ ٽئين نمبر تي نظر آيا.

افطاري ۾ پاڻي کان پوءِ 47 سيڪڙو ڳاڙهو شربت سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو جڏهن ته 34 سيڪڙو ليمون پاڻي ۽ 16 سيڪڙو چانهه کي افطاري ۾ ترجيح ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.