سوئي گئس: پوليس جي شهيد فوجي جوان جي گهر تي چڙهائي،تشدد گهرخالي ڪرڻ لاءِ زور

سيٺارجا ٿاڻي جي حد ۾  پوليس شهيد فوجي جاويد راڄپر جي گهر تي ڪاهه ڪري عورتن ۽ مردن تي تشدد ۽ تذليل ڪرڻ کانپوءِ کين پنهنجو گهر خالي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، مختيار ڪار ميرواھ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر جي حڪمن جي لتاڙ ڪندي وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري خير محمد راڄپر ۽ گهر وارن کي گھر خالي ڪرڻ لاءِ مارڪٽ ڪئي، ٻئي طرف خير محمد راڄپر ۽ حنيفا ، حليمه ، هوا ، راستي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو تہ مختيار ڪار ٺري ميرواھ بااثرن جي ونگار وهندي اسان جي گهر ۾ گهڙي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي مختيار ڪار ٺري ميرواھ اسان کي پنهنجي گهرن مان پوليس جي زور تي لڏائڻ چاهي ٿو ، ھنن وڌيڪ ٻُڌايو ته اسان جي زمين جو مسئلو سهتا برادري جي علي شير سهتي سان هلندڙ آھي جنھن جو ڪيس سول ڪورٽ ٺري ميرواھ ۽ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ هلندڙ آهي، ھنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي مطالبو ڪريو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.