ميرپور بٺورو: رمضان شريف ۾يوٽِيلٽي اسٽور تان روزمره استعمال جون شيون غائب

حڪومت پاران رمضان پئڪيج تحت ماڻهن کي روزمره جي استعمال جون سستيون شيون مهيا ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز تي موجود مختلف اسمن تي سبسڊي ڏيندي اگهن ۾ ڇوٽ ڏني ويئي پر ميرپوربٺورو ۾ قائم يوٽيلٽي اسٽور تي روزمره جي استعمال جون شيون رمضان ايندي ئي غائب ٿي ويون، پهرين روزي تي ئي اٽو، کنڊ، گيھ ۽ آئل يوٽيلٽي اسٽور تان اڻلڀ ٿي ويو جنهن سبب حڪومت پاران ڏنل رمضان پئڪيج جو عوام کي ڪوبه فائدو نه ملي سگهيو، صحافين سان ڳالهائيندي شهر واسين جو چوڻ هو ته اسٽور انچارج سستيون شيون عوام کي ڏيڻ بدران مقامي واپارين کي وڪرو ڪري رهيو آهي جنهن سبب عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسٽور انچارج خلاف قدم کڻي شهر واسين کي رمضان ۾ سستيون شيون مهيا ڪيون وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.