نوابشاهه: مغل برادري پاران اڳوڻي ن ليگ اڳواڻ جي زيادتين خلاف احتجاج

نوابشاهه جي ڄام صاحب روڊ واسي مُغل برادري جي پيرسن ۽ نوجوانن  پاران اڳوڻي ليگي اڳواڻ شوڪت جٽ جي زيادتين ۽ ٻن نوجوانن حسن ۽ خرم علي مُغل کي بنا ڏوهه لاڪپ ڪرائڻ خلاف احتجاج  ۽ پريس ڪانفرنس  ڪئي وئي ،ڄام صاحب روڊ تي واقع رائو حنيف ڪالوني جي رهواسين مُغل برادري جي ٻن پيرسن ڀائرن عزيز احمد مغل شريف مغل پنهنجي نوجوان پُٽ فالج جي مريض زاهد عباس مغل سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پهچي اڳوڻي نواز ليگ اڳواڻ شوڪت جٽ جي مبينه زيادتين ۽ ظلمن خلاف شديد احتجاج ڪرڻ بعد زاهد عباس مغل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 10 اپريل تي هن جي سوٽ حيدر علي سان شوڪت جٽ جي پُٽن عمران، سهيل ۽ ڪاشف جهيڙو ڪيو ۽ مٿس تشدد ڪيو جنهن جي دانهن کڻي عزيز مغل ۽ شوڪت جٽ وٽ وياسين ته ان ڌمڪيون ڏنيون ۽ لٺيون هنيون بعد ۾ ٻن سوٽن حسن علي ۽ خرم علي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ۽ مون تي پسٽل جو فائر ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ پوليس سوٽن حسن علي ۽ خرم  کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ ننڍي سوٽ 15 سالن جي حيد علي کي بنا ڪيس داخل هئڻ جي ٻن ڏينهن کان پوليس غائب ڪري ڇڏيو  آهي، هنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته مٿن داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري حسن علي ۽ خرم علي کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ شوڪت جٽ خلاف اعليٰ سطح جي انڪوائري ڪرائي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.