قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي چانڊيا ٽوٽاڻي برادري جوپوليس ۽ لڪٽيا برادري خلاف ڌرڻو

قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي چانڊيا ٽوٽاڻي برادري طرفان روڊ بلاڪ ڪري پوليس ۽ لڪٽيا برادري خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي ڳوٺاڻي محمد سومر چانڊيو، منٺار ٽوٽاڻي، مختيار ٽوٽاڻي ٻڌايو ته انهن معشوق لڪٽيو کان ڌيءَ جو سڱ پيسن عيوض پٽ محمد حسن لاءِ ورتو هو، ڪنوار جي پيءُ معشوق لڪٽيو ، الياس، صابر ۽ رمضان لڪٽيو جن شادي جي ڏينهن انهن سان ڦڏو ڪري ڳوٺ لڪٽيا ۾ جهيڙو ڪيو ، انهن اسان کان روڪ رقم سونا زيور ۽ موبائيل فون ڦر ڪيون جنهن جي دانهه حد جي ڊرگھ ٿاڻي تي ڏني پر ايس ايڇ او امداد چانڊيو سميت پوليس جوابدار جي ڌر بڻيل آهي، ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي قمبر پهچي احتجاج ڪندڙ سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.