نوابشاهه: آل سنڌ ايمپلائيز ايسوسي ايشن جي سڏ تي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

آل سنڌ ايمپلائيز ايسوسي ايشن جي سڏ تي ايريگيشن ٽريڊ يونين، آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز، صحت کاتي جي ملازمن سميت ٻين سرڪاري کاتن جي ملازمن پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ ايل بي او ڊي ڪالوني نصرت ڊويزن نوابشاهه کان ميان عبدالرحيم ڀارو، بخش علي چاچڙ، غلام قمبر مري، حاجي شعيب بلر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مقرر رستن کان ٿيندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ملازمن چيو ته سرڪاري ملازمن جون پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ 25 سيڪڙو پگھارون وڌايون ويون آھن، جڏھن ته پنجاب سميت پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ سرڪاري ملازمن کي يوٽيلٽي الائونس ۽ صحت ڪارڊ ڏنو وڃي ٿو، جڏھن ته سنڌ صوبي جي سرڪاري ملازمن جي نه پگھار وڌائي وڃي ٿي نه يوٽيلٽي الائونس ۽ نه ئي وري صحت ڪارڊ نٿو وڃي ٿو جيڪو اسان سنڌ جي سرڪاري ملازمن سان ناانصافي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.