اوپو جي اي سيريز جو نئون فون اي 35 پيش

اوپو پنهنجي اي سيريز جو نئون اسمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

اوپو اي 35 نالي هي اسمارٽ فون گذريل سال ڪي اي 15 ايس جو ري برانڊڊ ماڊل لڳي ٿو.

هن نئين فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو پي 35 پراسيسر ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪلر او ايس 7.2 سان ڪئي وئي آهي.

فون جي اندر 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان 256 جي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.

هي فون 6.5 انچن جي ايڇ ڊي پلس ايل سي ڊي ڊسپلي سان ليس آهي جنهن ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

ڊيوائس جي اندر 4230 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي جنهن سان گڏ 10 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏوگڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا موجود آهي.

هي فون سڀ کان اڳ چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو ۽ هي 3 رنگن ۾موجود هوندو.

پر ڪمپني طرفان ڊيوائس جي موجودگي جي تاريخ ۽ قيمت جو اعلان في الحال ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.