سام سنگ طرفان رمضان جو تحفو، ڪيترن ئي فونز جا اگهه گهٽائي ڇڏيا

سام سنگ رمضان المبارڪ جي شروعات ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي مختلف اسمارٽ فونز جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ڪجهه سان گڏ خاص انعام به ڏنا ويندا.

سام سنگ طرفان رمضان المبارڪ دوران جن فونز جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

ڪمپني نئين فليگ شپ گليڪسي ايس 21 جي قيمت 7 هزا رپيا گهٽ ڪئي آهي ۽ هي هاڻ 1 لک 69 هزاري 99 رپين جي بدران 1 لک 62 هزار 999 رپين ۾ ملندو جنهن سان گڏ مفت بڊز پلس ۽ اڊاپٽر به ڏنو ويندو.

اهڙيءَ طرح ايس 21 پلس جي قيمت 1 لک 94 هزار 999 رپيا گهٽ ڪري 1 لک 84 هزار 999 رپيا (مفت بڊز پلس اڊاپٽر) جڏهن ته گليڪسي ايس 21 الٽرا 2 لک 29 هزار 999 رپين جي بدران 10 هزار رپيا گهٽتائي سان گڏ 2 لک 19 هزار 999 رپيا (مفت بڊز پلس اڊاپٽر) ۾ موجود هوندو.

اهڙي طرح گليڪسي ايس 20 ايف اي،گليڪسي 52 ۽ اي 72 جي قيمت ۾ ته گهٽتائي ناهي ڪئي وئي پر ان سان گڏ مفت گليڪسي فٽ 2 ڏنو ويندو جڏهن ته گليڪسي اي 32 سان گڏ هينڊز فري به ڏني ويندي.

ڪمپني گيلڪسي اي 71، اي 51 (6 ۽ 8 جي بي ريم ماڊلز) اي 31، اي 12 (64 ۽ 128 جي اسٽوريج ماڊلز)  اي 02 ايس (مختلف اسٽوريج ماڊلز) ۽ گليڪسي اي 02 (مختلف اسٽوريج ماڊلز) جي قيمتن ۾ به گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.

گليڪسي اي 71 جي قيمت ڏيڍ هزار رپيا گهٽتائي سان 67 هزار 999 رپين مان 65 هزار 499 رپيا ڪئي وئي آهي.

گليڪسي اي 51 جو 6 ڪي بي ريم وارو ماڊل 2 هزا رپيا سستو ڪيو ويو جيڪو 49 هزار 999 رپين جي بدران 47 هزار 999 رپين ۾ ملندو جڏهن ته 8 جي بي ريم واري ماڊل جي قيمت ساڍا 3 هزار رپيا گهٽتائي سان 54 هزار 999 رپين جي جاءِ تي 51 هزار 499 رپيا ٿي وئي آهي.

گليڪسي اي 31 کي 36 هزار 999 رپين جي بدران 35 هزار 499 رپين ۾ خريدي سگهجي ٿو جڏهن ته گليڪسي اي 12 (64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل) 32 هزار 999 رپين جي بدران 30 هزار 999 رپيا ۽ اي 12 (128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل) 32 هزار 999 رپين جي بدران 30 هزار 999 رپين ۾ ملندو.

گليڪسي اي 02 ايس جو 4 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 19 هزار 999 رپين جي بدران 19 هزار 299 رپين ۾ ملندو جڏهن ته 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 23 هزار 999 رپين جي بدران 21 هزار 999 رپين ۾ ملندو.

گليڪسي اي 02 جو 3 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 18 سئو رپيا گهٽتائي سان 17 هزار 999 رپين جي بدران 16 هزار رپين ۾ ملندو جڏهن ته 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 19 هزار 799 رپين جي بدران 17 هزار 500 رپين ۾ خريدي سگهجي ٿو.

اِها آڇ 14 اپريل کان 15 مئي 2021ع تائين برقرار رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.