سکر ۾ ريلوي ايمپلائيز يونين جو وفاقي وزير خلاف احتجاج

سکر (رپورٽر) پاڪستان ريلوي ايمپلائيز پريم يونين سکر ڊوزن پاران ريلوي جي وفاقي وزير اعظم سواتي مزدور دشمن عمل خلاف ڊويزنل آفيس سکر کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين اعظم سواتي خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي ڊويزنل صدر رياض احمد راجپوت، الله يار ڪورائي، شوڪت آرائين، اشفاق پريمي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان نااهل شخص کي ريلوي جو وزير بڻايو آھي جنهن غريب پوهيتن کي سندن حق ڏيڻ بجاءِ پورهيتن خلاف ڳالهائي مزدورن جي دل آزاري پيو ڪري رھيو آھي. وفاقي وزير ته پاڻ ارب پتي آھي جهازن ۾ سفر ڪري عاليشان بنگلن ۾ رهي ٿو. کيس ڪهڙي خبر ته مزدور ڪهڙي حالت ۾ آھن. گينگ مين سخت سردي ۽ گرمي ۾ به ريلوي جي ٽريڪ کي بحال رکڻ لاءِ پيرين اگهاڙو پورهيو ڪري ٿو. پر ان کي مهانگائي جي حساب سان پگهار ڏيڻ بجاءِ نوڪري مان برطرف ڪرڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي. اڳواڻن چيو ته اڳوڻي ريلوي جي وزير خوجا سعد رفيق ملازمن جون پگهارون به وڌايون ۽ هزارين ڪچا ملازم پڪا به ڪيا پر موجودا وزير ريلوي کي تباهي طرف ڌڪي پيو. اڳواڻن وزير اعظم عمران خان کان گهر ڪئي آھي ته نااهل وفاقي وزير ريلوي اعظم سواتي کي فوري طور برطرف ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.