سنڌي پنهنجي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندا :مير نادر مگسي

شھدادڪوٽ (ن ع آ) شھدادڪوٽ مان چونڊيل پپلز پارٽي جي ايم پي اي ميرنادر مگسي چيو آهي ته پارٽي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم جو شوڪاز نوٽيس رد ڪري ڇڏيو آهي وڌيڪ پارٽي قيادت لائحه عمل جوڙيندي ته اڳتي کين ڇا ڪرڻو آهي، شھدادڪوٽ جي مشهور شخصيت حاجي اڪبر بروھي جي قلندري ريسٽورنٽ ۽ پئٽرول پمپ جي افتتحاحي تقريب ڪرڻ واري موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي مير نادر مگسي  چيو ته پنجاب ۾ سينيٽ جون 5 سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏنيون ويون, اتي ته ڪنهن کي به  نوٽيس نه ڏنو ويو، باقي پپلز پارٽي کي شوڪاز  ڏنو ويو  جيڪا پپلز پارٽي سان زيادتي آهي، ھن چيو ته پپلز پارٽي اڳ به پي ٽي آءِ حڪومت کي آرام سان ويهڻ نه آهي ڏنو ۽ ھر عوام دشمن فيصلن خلاف  مخالفت ڪئي آھي,جيڪا جاري رھندي، ھڪ سوال جي جواب ۾ مير نادر مگسي چيو ته سنڌ شيخ رشيد جي پي جي نه آهي جو سنڌين لاءِ فتوائون ٿو جاري ڪري، پر ھن احمق کي اھا خبر نه آهي ته سنڌي ماڻهو بھادر آهن جيڪي پنهنجي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻيندا آهن، ميرنادر مگسي چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته شھدادڪوٽ کي ماڊل شھر بڻايان جنهن لاءِترقياتي ڪم شروع ڪرايا آهن، ھن چيو ته  شھدادڪوٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي عمارت لاءِ 5 ڪروڙ روپيا جاري ٿيا آهن ۽ گڏو گڏ شھر اندر روڊن جي تعمير لاءِ به ڪروڙين روپيا جاري ٿيا آهن جن جو ڪم به ھلندڙ آهي، ھن چيو ته  عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيان پيو ته جيئن شھرين کي جلد بنيادي سھولتون ميسر ٿي سگهن، جڏهن ته ان موقعي تي ميزبان حاجي اڪبر بروھي پاران آيل مھمانن کي لذيذ کاڌن جي مھمانوازي سان گڏ گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.