ڪراچي ۾ تائي ڪوانڊو ۽ باڊي بلڊنگ شو

ڪراچي (پ ر) گورنمينٽ آف پاڪستان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن ڪراچي طرفان فيڊرل اسٽاف ويلفيئر آڊيٽوريم گارڊن روڊ ڪراچي ۾ تائي ڪوانڊو ۽ باڊي بلڊنگ شو منعقد ڪيو جنهن جو مهمان خصوصي محترم علي نواز اعواڻ ايم اين اي ويزراعظم پاڪستان جو سي ڊي اي افيئرز بابت اسپيشل اسسٽنٽ هيو. پروگرام جي شروعات وزير اعظم پاڪستان جي سرسبز پروگرام تحت وڻ لڳائڻ سان ڪئي وئي. بعد ۾ باڊي بلڊنگ جا مقابلا ڪرايا ويا ۽ کٽندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. تائي ڪوانڊو جي مقابلن ۾ بهترين فن جو مظاهرو ڪندڙ رانديگر ۾ شيلڊ، ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ تقسيم ڪيا ويا. ان موقعي تي جناب چيف ويلفيئر آفيسر خدا داد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان آيل سمورن مهمانن کي دل جي گهراين سان  ڀليڪار چئون ٿا ۽ اهو عزم ڪيون ٿا ته اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن وفاقي ملازمن جي بهتري لاءِ ڪوشش ڪندا رهنداسين ۽ وقتن به وقتن اهڙا پروگرام منعقد ڪري نوجوانن جي همٿ افزائي ڪئي ويندي ته جئين راندين جي ميدانن کي قائم ۽ دائم رکي سگهجي. ان موقعي تي اڳوڻو چيف ويلفيئر آفيسر مشتاق احمد عباسي جون جو چوڻ هيو ته اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن وفاقي ملازمن ۽ انهن جي ٻارن جي بهتري لاءِ محدود فنڊن مان مختلف اسڪيمن تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪو هڪ تمام ستو عمل آهي. اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن جي قائم ٿيڻ جو مقصد ملازمن جا جائز سماجي ۽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ آهي جئين وفاقي سرڪاري ملازمن کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ ٻارن جي ذهني نشونما لاءِ راندين جو اهم ڪردار آهي ۽ ان موقعي تي ويلفيئر آفيسر مظهر حسين راهوجو صاحب ۽ اسسٽنٽ ويلفيئر آفيسر عبدالقدير ٻپڙ پڻ موجود هيو.تقريب جي آخر ۾ مهمان خاص محترم جناب علي نواز اعواڻ جن خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن اسلام آباد کي ٻن ڪميونٽي سينٽرن لاءِ گرانٽ منظور ڪيا آهن ڇو ته اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن وفاقي سرڪاري ملازمن جي بهتري لاءِ تعريف جوڳا ڪم ڪري رهي آهي جيڪا موجوده حڪومت جي پڻ ترجيح آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.