اسلام ڪوٽ ڀرسان درگاهه محمود شاهه بخاري ۾ دستار بندي جي تقريب

مٺي (بيورو) اسلام ڪوٽ لڳ درگاھ ٻورليءَ محمود شاھ بخاري ۾ جلسه دستار فضيلت ٿي گذري. درس نظامي جو مڪمل ڪورس ڪندڙ  حافظ قاري سيد نور محمد شاھ بخاري سڪندري بن سيد صادق علي شاھ بخاري رحمة الله عليہ جي دستاربندي ڪئي وئي.انکان بعد ۾ مدرسه صبغتہ النور کپرو شاخ (جامعه راشديه) مان قرآن ڪريم جو مڪمل حفظ ڪندڙ حافظ سيد روشن علي شاھ بخاري سڪندري بن سيد غلام محمد شاھ بخاري سڪندري جي دستاربندي ڪئي وئي.جنھن ۾ ڪثير تعداد ۾ عالمن ۽ بزرگن جي شرڪت ڪري پروگرام کي رونق بخشي.

نمائندن لاءِ ضروري اعلان

رمضان المبارڪ  مهيني ۾اخبار سڄي سنڌ ۾ وقت سر پهچائڻ لاءِ نيوز ڊيسڪ جو وقت شام 4 وڳي ڪيو ويو آهي، نمائندن کي هدايت ٿي ڪجي ته ڏينهن جا واقعا ۽ اسٽوريون 4 وڳي شام تائين اداري کي ميل ڪن، جيئن اخبار صبح سوير هر هنڌ وقت سر پهچائڻ ممڪن بڻجي سگهي (ادارو)

خير محمد آريجا لڳ پ پ اڳواڻ اياز ابڙو جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا لڳ  ڳوٺ بنگل ابڙو واسي پ پ اڳواڻ اياز علي ابڙو جي ماءُ ۽ نيشنل پريس ڪلب باقراڻي جي صدر خدا بخش ابڙو جي سس اوچتو 80 سال جي عمر ۾ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي جنھن جي جنازي نماز۾ سوين شھرين سياسي سماجي اڳواڻن،صحافين توڙي ابڙا برادرئ جي چڱن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن بعد سندس کي اباڻي قبرستان۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته تڏي تي سندس وارثن اياز علي ابڙو، خدا بخش ابڙو،محمد جڙيل ابڙو  سان تعزيت جو سلسلو جاري ھو.

ڳڙهي ياسين ۾ صحافي اسلم سومري جو ڀاڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ ڪاوش ڪي ٽي اين جي سينئير صحافي محمد اسلم سومرو جي ڀاڻيجي ۽ سماجي اتحاد جي عهديدار بهادر سومرو جي سئوٽ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي ، مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ، شهرين ، صحافين ۽ سومرا برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ، مرحومه جو مڙهه ابائي قبرستان ڏاڏا قاسم شاهه قبرستان ۾ مٽئ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، مرحومه جو تڏو پير جمال شاهه محلا ۾ وڇايو ويو جتي پوئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي۔

ڳڙهي ياسين ۾سماجي تظيم جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين شهر ۾ سماجي اتحاد جي حلف وفاداري تقريب سال 2021 منعقد ڪئي وئي ، تقريب ۾ رٽائرڊ چيف جسٽس شريعت ڪورٽ آف پاڪستان آغا رفيق خان باڪزئي جن چونڊيل عهديدار صدر بابر خان پٺاڻ ، نائب صدر شاهين سنڌ ، جنرل سيڪريٽري آغا فيصل ،  ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عتيق احمد ڀٽو ، خزانچي بهادر علي سومرو ، رابطه سيڪريٽري وفا عباسي ، آفيس سيڪريٽري اياز علي شاهه ۽ ٻين کي حلف کڻايو ، ان موقعي تي رٽائرڊ چيف جسٽس شريعت ڪورٽ آف پاڪستان آغا رفيق خان بارڪزئي جن خطاب ڪندي چيو ته نوجوان هن شھر لاء ڀلائي جا ڪم ڪري رهيا آھن هن ڀلائي جي ڪمن سبب منهنجو سماجي اتحاد جي نوجوانن سان هميشه ساٿ رهندو ، هن چيو ته جنهن جي پنهنجي شهر ۾ عزت ناهي ان جي ڪٿي به عزت ناهي ، ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين مسرور احمد بجاراڻي چيو ته سماجي اتحاد جي نوجوانن ۾ ڀلائي وارو جذبو ڏسون ٿا ، هنن نوجوان جي صورت ۾ مونکي بهتر ٽيم ملي آهي جن سان ملي ڪري شهر جي غريب ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي ۽ هنن مان اها ئي اميد رکون ٿا ته هي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن جي بنا فرق جي مدد ڪندا ، ان موقعي تي نور احمد دايو ، عزيز الله منگي ، ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ، ميان صالم جان هاشمي ، سيد عاشق علي شاهه ، ڊي ايس پي ، رفيق احمد منگي ، اويس بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.