چيلهار کان هلندڙ ٽرانسپورٽرن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا

چيلھار ( ن ع آ ) چيلھار جي ٽرانسپورٽرن ڪرايا نه گھٽايا منپسند مقرر ڪري ڇڏيا مسافر سخت پريشان انتظاميا غائب خبر موجب: چيلھار کان مختلف شھرن ڏانھن ويندڙ ٽرانسپورٽرن جنھن ۾ بس سروس ٽئڪسي لوڊر گاڏي سميت ٻين ٽرانسپورٽرن ڪرايا وڌائي ڇڏيا آھن ھٿرادو طور ڪرايا وڌائي ٻيڻي کان ٽيڻو ڪرڻ سبب اچ-وڃ ڪندڙ مسافر سخت پريشان بڻجي ويا آھن ٽرانسپورٽر پاران مسافرن کان ڪرايو وصول ڪرڻ جي نالي وڏي وقت ڦُرڻ ڪري غريب مسڪين مسافر اچ وڃ ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي مختلف ڪوچن وارن چيلھار کان مٺي 70 چيلھار کان ڪانٽيو 70 چيلھار کان عمرڪوٽ 150 چيلھار کان ڇاڇرو 150 چيلھار کان اسلامڪوٽ چيلھار کان ڪنري سميت ٻين شھرن ڏانھن وڃڻ وارو ڪرايو ٽيڻي کان چوڻو ڪري ڇڏيو آھي ساڳئي ريت چيلھار ۾ ٽئڪسي طور ھلندڙ ڪار جيپ وين وارن چيلھار کان مٺي 2 ھزار چيلھار کان عمرڪوٽ 3 ھزار چيلھار ڪانٽيو 1500 چيلھار کان ڇاڇرو 3 ھزار رپيا ڪرايو مقرر ڪري ڇڏيو آھي انکانسواء جيڪا لوڊر گاڏيون شيزور کيکڙو وارن به ڪرايو وڌائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آھي جڏھن ته ان سموري معملي جو حل ڪڍندڙ ذميوار انتظاميان خاموش نظر اچي رھي آھي وڏي وقت کان ٽرانسپورٽرن کي مختلف روٽ جو ڪرايو  مقرر ڪري لسٽو ناھن ڏنيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.