اسلام ڪوٽ لڳ مرض نينگر کي معذور ڪري ڇڏيو:مسيحا نه مليو

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ميهاري بجير جي حجام پاڙي ۾ ڏھ ورهين جو معصوم نينگر بلال ولد جمن حجام ڄائي ڄم کان ڪمزور رهڻ بعد ٽنگون،ٻانهون ۽ جسم سُڪي ويو آهي،جنهن بعد ٻارڙو معذور ٿي بستري جي حوالي ٿيل آهي،غريب وارثن پاران وس آهر علاج ڪرائڻ جي باوجود ڪٿان به ڪو فائدو ناهي ٿيو،وارثن موجب ته ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي کي پوليو ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي آهي،اُنهي حوالي سان معصوم ٻارڙي جي والد جمن حجام ٻُڌايو نينگر ڄائي ڄم کان ڪمزور هو،جنهن بعد اسان ڪوشش ڪئي ته هُو صحتياب ٿي وڃي،پر جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو،نيٺ نينگر جون ٽنگون،ٻانهون ۽ سڄو جسم سُڪي ويو آهي،هاڻي هُو کٽ تي پيل آهي،اسان ڊاڪٽرن کي پُڻ ڏيکاريو غربت هوندد وس آهر علاج ڪرايو پر ڊاڪٽرن موجب ته نينگر کي پوليو ٿيو آهي،جنهن بعد اسان گهر اچي ويهي رهياسين،هن چيو ته غربت هوندي نينگر جو ڪافي علاج ڪرايو آهي،هاڻي گهر جا سمورا ٽول ٽپڙ وڪڻي ڇڏيا آهن،گهر ۾ ڪجھ به ناهي بچيو،نينگر جي والد  سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ننڍڙي جو علاج ڪرائڻ سميت ويل چيئر فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هُو زندگي ڪجھ قدر بهتر گذاري سگهي،هن چيو ته اسان جي مدد ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.