سام سنگ کان پوءِ هڪ ٻي موبائل ڪمپني جي فون کي باهه، پابندي لڳي وئي

ٽيڪ جائنٽ ويوو جي موبائيل فونز ڪارگو ۾ باهه جي ڪري هانگ ڪانگ ايئر ڪارگو ويوو تي پابندي هڻي ڇڏي.

هانگ ڪانگ ايئرپورٽ تي ويو جي سامان ۾ باهه جون تصويرون ڏسي خبر پئي ٿي ته باهه سڄي سامان کي وڪوڙي ڇڏيو هو جيڪو سڙي خاڪ ٿي ويو.

دي اسٽينڊرڊ جي رپورٽ موجب جنهن ڪارگو ۾ باهه لڳي اُهو ويوو وائي 20 اسمارٽ فونز کڻي وڃي رهيو هو ۽ هو هانگ ڪانگ ايئر لائنز جي ماتحت هانگ ڪانگ ايئر ڪارگو جي ذريعي بنڪاڪ وڃڻو هو.

پر 3 ڪارگو باڪسز ۾ بند موبائيل فونز کي لوڊ ڪرڻ کان اڳ ئي ان ۾ اوچتو باهه لڳي پئي، جنهن جي ڪجهه دير کان پوءِ ئي سوشل ميڊيا تي ان جون ويڊيوز گردش هيٺ آيون.

ايئرپورٽ تي موجود عملي طرفان باهه وسائڻ ۾ 40 منٽ کان وڌيڪ جو وقت لڳو جڏهن ته ايئرپورٽ تي ٻيو ڪم معمول جي موجب هلندو رهيو.

ماضي ۾ ويوو فون ۾ باهه جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ئي واقعو رپورٽ ٿيو هو پر تازي واقعي سان ڪمپني ڪافي متاثر ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.