بلاول جي پير پاڳاري سان گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پير پاڳاري صبغت الله شاهه راشدي سان سندس گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري راجا هائوس پهچي پير پاڳاري سان سنس گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ڪئي.

پ پ چيئرمين سان گڏ سيد قائم علي شاهه، سيد مراد علي شاهه، منظور وساڻ ۽ شازيا مري پڻ پير پاڳاري سان گهرواري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري پير پاڳاري جي ڀاءُ سيد صدرالدين شاهه راشدي سان به تعزيت جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.