پکو: شيخ رشيد جو بيان سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي:دودو ديشي

جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي چيو آهي ته شيخ رشيد جو ڪراچي ۾ سنڌين جا ڪارڊ نه ٺاهڻ وارو بيان سنڌ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي , وفاقي وزير لساني انتشار پکيڙڻ ٿو چاھي , ھُو سنڌ دشمن منصوبي ۾ ڪڏھن به ڪامياب نه ويندو ، پکو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامريڊ دودو ديشي جو چوڻ هو ته سنڌ هڪ تاريخي وحدت جي حيثيت سان پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي هئي ۽ ان ئي وفاق جي اندر سنڌ کي پنهنجي ڊيموگرافي جي تحفظ جو مڪمل حق حاصل آهي. هن چيو ته اسان سنڌ ۾ ڪنهن به ڌاري کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ وفاقي حڪمرانن کي پيغام ڏيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت سنڌ ۾ رهندڙ 35 لک کان مٿي پرڏيهين کي رجسٽرڊ ڪري پنهنجي ڏيھ موڪليو وڃي. هن چيو ته ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي بار آهن ۽ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جا به ذميوار آهن , . هن چيو ته سنڌ ۾ افغانين، بنگالين، برمين، هندستانين کي آباد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاڻ انهن کي سنڌ ۾ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا., آخر ۾ ھُن تشدد جو نشانو بڻيل صحافي نواب علي تنيو سان ٻڌي جو اظھار ڪيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.