ميرپور ماٿيلو: ماڙي پيٽروليم ڪمپني مان پورهيتن جي برطرفين خلاف احتجاج

ماڙي پئٽروليم ڪمپني جي ڏاڍ خلاف مقامي برطرف پورھيتن پاران ميرپورماٿيلو ۾ احتجاجي مظاھروڪري ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ستين ڏينھن به بک ھڙتال جاري رکي وئي ، پورهيتن محمد علي شر، روشن شر ۽ نثار شر جي اڳواڻي ۾ ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ستين ڏينھن به بک ھڙتال جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو  ته ماڙي پئٽروليم ڪمپني مقامي ماڻھن کي روزگار ۽ بنيادي سھولتون ڏيڻ بدران ڏھاڙي دار ٽن مقامي پورھيتن کي نيڪالي ڏيئي زيادتي ڪئي، اڄ وري ھراسمنٽ لاء گھوٽڪي ڪورٽ ويل پورھيت امام علي شر کي گھوٽڪي پوليس ڪمپني جي ونگار وھندي کنڀي گم ڪيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي زيادتيون بند ڪري برطرف ڪيل پورهيتن کي بحال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.