ڄامشوري ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ڄامشوري ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪري سخت نعريبازي وئي ، سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سڄي سنڌ جيان ڄامشورو ۾ به ٽائون ڪميٽي ورڪرز يونين ڄامشورو طرفان ڪرم علي برھماڻي، شبير ملاح، سلطان احمد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ملازمن جون پگهارون 25 سيڪڙو وڌايون آهن پر سنڌ سرڪار اڃا تائين اهڙو ڪو اعلان ناهي ڪيو، سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن سان ناانصافيون عروج تي آهن، پگهارن ۾ واڌ توڙي ترقي جي انتظار ۾ ملازم پريشان آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سڀني سرڪاري ملازمن جون پگهارون 25 سيڪڙو وڌائي کين يوٽليٽي الائونس ۽ ٻيون مراعتون ڏنيون وڃن، ملازمن جون پگهارون ٽريزري ذريعي جاري ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.