گلشن اقبال: سنڌ گورنمينٽ گرينڊ الائينس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

سنڌ گورنمينٽ گرينڊ الائنس پاران ڏنل احتجاجي سڏ تي گسٽا اوڀر ڪراچي جي صدر محمد سليمان آگرو جي اڳواڻي ۾ سچل ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن  سچل ڳوٺ جي مين گيٽ کان پرائمري اسڪول ڊي بي آڏواڻي تائين هٿن ۾ احتجاجي بينر کڻي ريلي ڪڍي مارچ ڪيو ۽  ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي گسٽا ايسٽ جي صدر سليمان آگرو، علي اڪبر مغيري، سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اڳواڻ رياض کيمٽيو، اظهر ڀٽو،شبير راڄپر ۽ ٻين چيو ته رهائشي ڪالونين جي الاٽمينٽ ڪري، استادن کي گروپ انشورنس جي رقم رٽائرمينٽ وقت سر ڏني وڃي، سن ڪوٽا بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ شيڊول مطابق سڄي سنڌ جي ڊويزنن ۾ ڪنوينشن ۽ سيمينار  ڪرايا وينداويندا ۽ پنجويهه مئي تي سڄي سنڌ جا ملازم گڏ ٿي وزير اعلي هائوس اڳيان ڌرڻو هڻندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.