ڄامشورو:سنڌ يونيورسٽي جي گارڊ جي شاگردن سان بدتميزي خلاف احتجاج

ٻه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي جي سڪيورٽي گارڊن پاران شاگردن سان مبينا بدتميزي ڪرڻ واري مامري تان اڄ شاگردن پاران آرٽ فيڪلٽي کان سينٽرل تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو, ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن روپلو مهراڻ, زيب جتوئي, سجاد نوحاڻي, ذوهيب لاکو, آسيس لغاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن جي مک گيٽ تي مقرر سيڪورٽي انچار قمر لاشاري ۽ جعمدار غلام نبي جوڻيجو شاگردن سان بدتميزي ڪري رهيا آهن جنهن خلاف احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو پر يونيورسٽي انتظاميا مامري جو نوٽيس وٺڻ بدران پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا طلب ڪري مسلسل حراسان ڪيو, هنن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي جي هاسٽل گيٽ تي مقرر بدتميزي ڪندڙ گارڊن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.