چيلھار ۾رولو ڪتن جو آزار ، 7 ورهين جي نينگري کي چڪ هڻي زخمي ڪري وڌو

چيلھار ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، ڪتن ٽيوشن کان گھر ويندڙ معصوم نياڻي تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو ،سوٽھڙ پاڙي جي رھواسي درزي پرڀوو سوٽھڙ جي 7 سالن جي نياڻي منيشا ڪُماري ٽيوشن تان واپس گھر موٽي رھي ھُئي ته گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول جي گيٽ مٿي ويٺل رولو ڪتن مٿس حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي  ٿيل نياڻي کي چيلھار اسپتال نيو ويو، جتي  اسپتال عملي سندس وئڪسين ڪئي جڏھن ته زخمي ٻارڙي منيشا ڪماري عوامي آواز کي ٻڌايو ته بوائز ھاء اسڪول وٽ 3 کان 4 ڪتن هن تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو،  ٻئي پاسي ٽائون ڪميٽي چيلھار کي لکين رپيا بجيٽ ملڻ باوجود ڪتا مار مھم شروع ناھي ٿي سگھي جنھن ڪري ڪُتن جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌي رھيو آھي، رھواسين سنڌ ھاء ڪورٽ سميت اعلي اختيارين کان گُھر ڪئي آھي ته رولو ڪتن جو آزار ختم ڪرائي شهر واسين جي پريشاني ختم ڪئي وئي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.