بدين: سول جج پاران ايجوڪيشن ورڪس جي اسڪيمن جو ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ جو نوٽيس

ايجوڪيشن ورڪس کاتي بدين جون ھلندڙ اسڪيمون رولڙي جو شڪار ٿي ويون ،مختلف اسڪيمن تي ڪم جي سست رفتاري سان ھلڻ  وارين شڪايتن بعد سول جج ماڊل ٽرائل ڪورٽ بدين ون جي جج  مسٽر وقار حسين  کٽي ٽنڊو باگو بدين روڊ تي ڳوٺ حاجي علي محمد کوسو پھچي چئن مهينن کان ٽينڊر ٿيڻ باوجود پرائمري اسڪول جي ڪم نه ٿيڻ تي ايجوڪيشن ورڪس جي ايس ڊي او مختيار جوڻيجو کي سختي سان ھدايتون ڏيندي فوري طور تي ڪم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.هن چيو ته ان ڏس ۾  وڌيڪ سستي برداشت  نه ٿي ڪري سگھجي، ان جي ڀر واري مڊل اسڪول جي زبون حال بلڊنگ بابت به ايس ڊي او ايجوڪيشن کان پڇاڻو ڪيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.