کپرو ۾ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي حڪم تي پوليس پاران زميندار اعجاز درس جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارن سميت 5 هارين کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس کپرو لڳ ھڏا موري جي ڳوٺ سالم درس ۾ زميندار اعجاز درس جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارن سميت 5 هارين کي بازياب ڪرايو ، هارين جي بازيابي لا ڪورٽ سڳوري ۾ ھرچند ڀيل درخواست ڏني هئي، بازياب هارين ۾ ڪرشن ڀيل تاري زال ڪرشن ڀڳوان پٽ ڪرشن جمال پٽ ڪرشن تيجا ڪرشن جي ڌي۽ ٻيا شامل آهن ، هارين موجب زميندار جبري پورهيو ڪرائيندو هو ،زميندار موجب هن هارين کان ڪو جبري پورهيو نه پئي ورتو نه وري هن وٽ ڪا خانگي جيل آهي