ٽنڊو رحيم:ڳوٺ شاه حسن جي رهواسين پاران بااثرن جي زيادتين خلاف مظاهرو

ٽنڊو رحيم ۾  ڳوٺ شاه حسن جي رهواسين  پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري اعليٰ آفيسرن کان  انصاف جو مطالبو ڪيو ويو،ان موقعي تي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ ڳوٺ شاه حسن جي رهواسين رشيد ٻگهيو ، فوزيه ٻگهيو ۽ حور ٻگهيو ميڊيا  اڳيان دانهيندي چيو ته ڇني جي بااثرن رياض ٻگهيو ، ستار ٻگهيو ، صدام ٻگهيو ۽ ٻين زبردستي گهر ۾ گهڙي چوديواري جو چادر ۽ چوديواري جو پائمال ڪري گهر جي مردن ۽ عورتن  کي مار ڪٽ ڪئي ۽ اسان جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا ، انهن وڌيڪ چيو ته اسان جي رڙين ۽ ڪوڪن تي ڳوٺ وارن اچي اسان جي جان بچائي ، هنن مطالبو ڪيو ته بااثرن مان انهن جي جان کي خطرو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.